سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جي ڪٽائي معاملي تي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي واري معاملي تي داخل ڪرايل پٽيشن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد پاران هڪ عشرت لوهار ۽ سجاد چانڊيو تي مشتمل جانچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي،سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف داخل پٽيشن بعد هاءِ ڪورٽ جي جوڙي ٽيم جو ڪارونجهر جبل جو دورو ڪيو،جانچ ٽيم ڀوڏيسر،ساردڙو ۽ ٻين هنڌن جو وزٽ ڪيو،عشرت لوهار صدر هاءِ ڪورٽ بار ۽ سجاد چانڊيو هاءِ ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل وڪيل آهن،جنهن ۾ عشرت لوهار ڪارونجهر پهچي دورو ڪيو،جڏهن ته حيدرآباد ڪورٽ طرفان مقرر ٿيل مددگار پٽيشنر فقير منور ساگر،تيرٿ جانگهي،مصطفىٰ هنگورجو ۽ ڪارونجهر سجاگ فورم جا اڳواڻ الھرکیو کوسو،مصطفىٰ دل، ساگر خاصخيلي ۽ ٻيا گڏ هئا،اُنهي موقعي تي هاءِ ڪورٽ پاران جوڙيل ڪاميٽي جي سربراھ عشرت لوهار ٻُڌايو ته اسان ڪارونجھر کي ھر حوالي سان فوڪس ڪري مختلف پھلوئن سان ڏسي پنهنجي رپورٽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيش ڪنداسين،ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن چاچا الهرکيو کوسو،مصطفىٰ دل ۽ ٻين هاءِ ڪورٽ جي ڪاميٽي کي ٻُڌايو ته هن وقت کارسر ۽ چڻيندا جبل تي ڪارونجهر جي ڪٽائي هلي رهي آهي،اسان جي احتجاجن ۽ دانهن باوجود سنڌ حڪومت ڪو به نوٽيس نه ٿي وٺي،اسان عدالت مان انصاف جي اُميد رکون ٿا،اميد ته عدالتون ڪارونجهر کي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون،اسان جو مطالبو آهي  ته ڪارونجهر جون سموريون ليزون رد ڪري جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيئي ورلد هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي، جبل ڌرتي جو ڪُل جو 26.5 سيڪڙو والارين ٿا،237 مُلڪن مان 197 مُلڪن وٽ پنهنجا جبل آهن، جبل جي پنهنجي تاريخ آهي ۽ جبلن روح زمين تي هڪ خاص قسم جي اهميت حاصل آهي، جبل هن ڌرتي تي بايو ڊائيورسٽي يعني حياتياتي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.