ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف تحريڪ تيز، ننگر کان مٺي لانگ مارچ جو اعلان

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر کي تاريخ جو مزاحمتي مورچو ۽ سنڌ جو جهومر قرار ڏنو ويو،اُنهي سلسلي ۾ مٺي ۾ ٿر سجاڳ سٿ پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪوٺايل ڪارونجهر ڪانفرنس ۾ سياسي سماجي مذھبي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪارونجهر جي نيلامي جو ذميوار سنڌ سرڪار کي ڏنو ويو آھي ۽ ڪارونجهر جو ليزون رد ڪرائي پٿر جي ڪٽائي بند ڪرائڻ لاءِ روز جي بنياد تي احتجاج جاري رکڻ ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪارونجهر کان مٺي تائين لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪارونجهر کي قومي اثاثو ۽ بين القوامي تفريح ماڳ قرار ڏيڻ سميت چيف جسٽس آف سنڌ احمد علي شيخ کان ڪارونجهر جي ڪٽائي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي،پارڪر هال مٺي تي ڪوٺايل ڪارونجهر ڪانفرنس ۾ ايس يو پي جي امير آزاد پنهور،پي ٽي آءِ جي ڪرشن شرما،عوامي تحريڪ جي اوڀايو جوڻيجو،ايس ٽي پي جي گهنشام مالهي،جسقم آريسر جي ارباب ڀيل ليکڪ خالد ڪنڀار،ڪارونجهر سجاڳ سٿ جي الهرکيو کوسو،ذولفقار کوسو،نوازليگ جي نيلم ڪماري،ورڪر پارٽي جي رمضان دل،اي جي پي جي سومار راهمون،سنڌ سڀا جي لطيف اياز،وڪيل اڳواڻ ڀورو ڪولهي،سينئر صحافي ممتاز نهڙيو،غازي بجير،شمس منڱريو،ٿر سجاڳ سٿ جي فقير ارشاد ڪنڀار،سالم سميجو،الماس نهڙيو،آڪاش هميراڻي،ليکڪ دستگير ڀٽي،ڌيال سحرائي،ڪبير ڀيل،ڀيمراج ميگهواڙ،پيارو شواڻي،کاٽائو جاني،عبداالغني بجير ۽ ٻين شرڪت ڪئي،ڪانفرنس کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر جي پٿر جون ليزون جاري ڪري قومي ورثي جي قتلام جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي،جنهن ڪارونجهر جهڙي قومي قديمي، تاريخي ورثي ۽ مزاحمتي مورچي کي نيلام ڪري عوام جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏيو آھي،حڪومت جي اهڙي عمل خلاف سمورو ٿر سراپا احتجاج بڻيل آھي هنن چيو ته ڪارونجهر رڳو پٿر جو ٽڪرو نه پر قومي ورثو ۽ تاريخ جو مزاحمتي مورچو هجڻ سان گڏ فطرت ۽ جهنگلي جيوت جو آمجگاه توڙي 5 لک انساني آبادي جي روزگار جو وسيلو آھي ڪارونجهر جبل ۾ عوام جي مذھبي عقيدن سان گڏ ڪيتريون ئي تاريخي ۽ مزاحمتي تحريڪن جون يادون وابسته آھن جنهن کي چند ٽڪن عيوض ليز تي نيلام ڪرڻ انساني زندگين ۽ فطرت سان هٿ چراند ۽ قومي غداري سمجهون ٿا، جنهن خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين مزاحمتي تحريڪ جاري رکي ويندي،هنن چيو ته ڪارونجهر جي قتل ۾ شامل سمورن ويڪائو ڪردارن کي قومي غدار قرار ڏيئي انهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، هنن چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ۽ فطرت دشمن قوتن سان فيصلائتي ويڙھ ڪئي ويندي ۽ مقامي چونڊيل نمائندن جو گهيرا ءُڪيو ويندو،هنن چيو ته پ پ پ سرڪار هڪ ڪمرشل ڪمپني بڻجي ويئي آھي ۽ مقامي چونڊيل نمائنده وسيلا وڪڻڻ لاء سيلز مين بڻيل آھن هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي بند نه ٿي ۽ ليزون رد نه ٿيون ته هڪ وڏي مزاحمت جنم وٺندي ۽ حالتن جي ذميوار سرڪار هوندي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل جي پٿر جون جاري ڪيل ليزون ڦورن رد ڪيون وڃن ۽ ڪارونجهر کي قومي ورثو ۽ بين القوامي تفريح ماڳ ڊڪليئر ڪري پٿر ڪٽائي هنگامي بنيادن تي بند ڪئي وڃي ۽ ڪارونجهر جبل جو فطري حسن توڙي جهنگلي جيوت جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ان سان گڏ ٿر جي سمورن وسيلن جي مالڪي جو حق مقامي ماڻھن کي ڏنو وڃي تاريخي ۽ تهذيبي ورثن سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ روز جي بنياد تي احتجاج جاري رکيو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪارونجهر کان مٺي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو اميرحسن پنهو چيو ته ڪارونجهر سان اسان جو احساساتي رشتو آهي، زرداري سرڪار کي ڪارونجهر پٿر نظر ٿو اچي،اُنهن کي گوڙي مندر،چوڙيو مندر،ساردڙي ۽ ڀوڏيسر جي مسجد نظر نه ٿا اچن،ڪارونجهر وطن جي ملامت ۽ مزاحمتي ڪردار آهي،ٿر ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي، خالد جوڳي چيو ته جين مت جو جيڪو به ورثو رهيو آهي اُهو صرف ڪارونجهر ۾ آهي،اُنهي ڪري اسان کي ڪارونجهر بچائڻ جي ضرورت آهي، سنڌ سڀا جي صدر لطيف اياز چيو آهي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي، چاچا الهرکيو کوسو خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر سان ظلم ٿئي پيو،ڪارونجهر پٽجي پيو،جبل کي ليزن تي ڏيئي وڪرو پيو ڪيو وڃي، جسقم آريسر گروپ جي اڳواڻ ارباب ڀيل چيو آهي ته ٿرڪول يا ٿر جي معدني وسيلن تي ڳالهائڻ کي به هتي غداري جا سرٽيفڪيٽ جاري ٿين ٿا،هتي پنجاب جو قبضو آهي ،اڄ ڪٿي آهي ارباب رحيم؟ڇو غائب آهي،ڇا هُو ٿر جو ڪونهي،خاموش ڇو آهي،اگر ارباب خاموش آهن ته هُو ٿر جا بيتاج بادشاھ نه سڏائين،ڪارونجهر کي وڪرو ڪيو ٿو وڃي، اوڀايو جوڻيجو چيو ته پ پ ايم پي اي قاسم سومرو ڪارونجهر جو قاتل آهي،سينيٽر ڪرشنا ڪولهي ۽ صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيهن نه ته هي عُهدا ڇڏي ڏين،ايس ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل چيو آهي ته ڪارونجهر جو معاملو سنڌ جي ثقافت ۽ ڌرتي بچائڻ جو سوال آهي،ديال سحرائي چيو آهي ته ڪارونجهر تي ريسرچ ٿي ڪونهي،ڪارونجهر کي انٽرنيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي،ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي سان وهڪرا ختم ٿي ويندا ۽ ننگرپارڪر جو عوام اُڃ مري ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.