جماعت اسلامي جو سنڌ اسيمبلي اڳيان ڌرڻي جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 31 ڊسمبر تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو، عوام جي طاقت سان ڪاري قانون کي واپس وٺڻ تي مجبور ڪنداسين.

جاري ڪيل هڪ بيان ۾حافظ نعيم چيو ته جماعت اسلامي مڪاني کاتي  ۾ اهڙي ڪاري قانون کي ڪڏهن به نه مڃيندي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ سنڌي ۽ مهاجر ۾ فرق پيدا ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته وزير اعظم گرين لائن جو افتتاح ته ڪيو پر اڄ تائين بسون ناهن هلايون ويون، 2005 ۾ به آخري ڀيرو پاڻي جو منصوبو  ٺاهيو ويو هو پر 16 ورهين ۾ هيل تائين ڪراچي اندر پاڻي جيو هڪ ڦڙو به واڌ ناهي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.