خوشبو جي شاعرا پروين شاڪر کي وڇڙئي 27 ورهيه وهامي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خوشبوئن جي شاعرا پروين شاڪر کي مداحن کان وڇڙئي 27 سال گذري ويا پر سندس شاعري اڄ به خوشبوءَ  جيان هر هنڌ پکڙجندي محسوس ڪري سگهجي ٿي.

محبتن ۽ خوشبو جي شاعرا، اردو ٻولي ۽ ادب سان محبت ڪندڙ پروين شاڪر کي اڄ تائين ماڻهو وساري ناهن سگهيا.

هن جي شاعري جي خوشبو ڪيتري ئي وقت کانپوءِ به ادب  جي باغ کي مهڪائي رکيو آهي، اردو ادب جو الڳ ئي انداز رکندڙ پروين شاڪر 24 نومبر 1952 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي هئي.

انگريزي ادب ۾ ماسٽرز جي ڊگري ماڻڻ بعد هن سي ايس ايس ڪئي ۽ وڏي عهدي تي مقرر رهي، هن ڪجهه وقت ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جا فرض به انجام ڏنا.

پروين شاڪر جي شاعري جو موضوع عورت ۽ محبت هو، هن جي ڪلام ۾ ”خوشبو، صدبرگ، خودڪلامي، انڪار، ۽ ماهه تمام“ ذڪر جي لائق آهن.

پنهنجي منفرد شاعري سبب هن تمام گهٽ وقت ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهوري ماڻي، کيس پرائڊ آف پرفارمنس ۽ آدم جي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.

اردو ادب کي مهڪائڻ ۽ ادبي محفلن ۾ جملن جي خوشبو پکيڙيندڙ پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994 ۾ اسلام آباد ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي، کيس گادي واري شهر جي سيڪٽر ايڇ ايٽ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس مزار تي شوقين ۽ ادبي دنيا سان واسطو رکندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ حاضري ڀري سلام پيش ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.