نسل پرستي خلاف آواز اٿاريندڙ نوبل انعام يافته ڊيسمنڊ ٽوٽو لاڏاڻو ڪري ويو

 

پريٽوريا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا سان واسطو رکندڙ نوبل انعام يافته آرچ بشت ڊيسمنڊ ٽوٽو لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊيسمنڊ ٽوٽو 90 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو، جنهن جي تصديق ڏکڻ آفريقا جي صدر سرل رامافوسا ڪئي آهي.

آرچ بشپ ڊيسمنڊ ٽوٽو کي نسلي بنيادن تي امتياز خلاف آواز اٿارڻ تي نه رڳو پنهنجي ملڪ پر عالمي سطح تي به ساراهيو ويندو آهي.

ٽوٽو فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضي، موسمياتي تبديلين ۽ هم جسن پرستن لاءِ هڪ جهڙن حقن لاءِ آواز اٿاريندو آيو.

کيس 1984 ۾ امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.