ميانمار ۾ ڪارن اقليتي گروهه جا ڪيترائي ماڻهو قتل

 

نيپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار جي اوڀر حصي ۾ گذريل ڏينهن 35 ڄڻن جا سڙيل لاش هٿ آيا آهن.

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مقامي ماڻهن موجب مارجي ويلن جو اوسطو ڪارن اقليتي گروهه سان هو ۽ فوج ۽ فوج مخالف گروهن جي ويڙهه کان بچي نڪرڻ جي ڪوششن ۾ هئا، جڏهن انهن کي نشانو بڻايو ويو.

هوڏانهن فوجي جنتا جي حامي هڪ مقامي اخبار ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪيترين ئي ٽرڪن تي باغين کي هٿيارن ۽ خوراڪ جي فراهمي جاري هئي، تنهن ڪري انهن تي فائرنگ ڪئي وئي.

واضح رهي ته ميانمار ۾ فيبروري جي مهيني ۾ فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ملڪ سياسي ڏڦيڙ جو شڪار آهي ۽ فوج جي مخالفن کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.