سالگرهه کان هڪ ڏينهن اڳ سلمان خان کي نانگ ڏنگي ورتو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي نانگ ڏنگي ورتو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات مهاراشٽرا رياست جي شهر پنويل ۾ پنهنجي فارم  هائوس ۾ موجود هو، جتي کيس نانگ ڏنگي ورتو، جنهن کانپوءِ کيس فوري طور ممبئي جي هڪ نجي اسپتال نيو ويو.

دبنگ اداڪار پنهنجي سالگرهه کان 2 ڏينهن اڳ فارم هائوس تي هو، جتي گارڊن ايريا ۾ هو رات دير تائين دوستن سان ڪچهري ڪندو رهيو ته اوچتو کيس ٻانهن ۾ سُور ٿيو، ايتري ۾ هڪ دوست اتان نانگ گذرندي ڏٺو.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خوش قسمتي سان نانگ زهريلو نه هو، جنهن سبب سلمان خان کي وڌيڪ نقصان نه پهتو.

سلمان خان کي اسپتال مان طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي فارم هائوس تي ئي موجود آهي ۽ آرام ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته سلمان خان جو سڀاڻي 27 ڊسمبر تي جنم ڏينهن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.