نواز شريف آيو ته انهن کي پاڻ لڪائڻ جي جاءِ به نه ملندي: راڻا ثناءُ الله

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي نواز شريف ايندو ته عمران نيازي، شيدا ٽلي ۽ ڀاڙي جي ترجمانن کي پاڻ  لڪائڻ جي به جاءِ نه ملندي.

گهرو وزير شيخ رشيد جي بيان تي رد عمل ۾ راڻا ثناءُ الله  پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو ته قوم پنهنجي قائد جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، جن جي پنهنجي ٽڪيٽ عوام ڪاٽي چڪي آهي، اُهي پنهنجي ٽڪيٽ جو فڪر ڪن.

هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف رڳو  الزام ئي آهن، ثبوت ڪو به ناهي، نواز شريف جي واپس اچڻ جو ڊپ هنن کي ننڊ به ڪرڻ نٿو ڏئي.

سندس چوڻ هو ته نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي سونامي آڻيندڙن جون رڙيون نڪري رهيون آهن، اوهان کي جيڪو به ڪرڻو آهي ڪيو، جيڪو چوڻو آهي چئو پر اوهان کي هاڻي وڃڻو پوندو،

راڻا ثناءُ الله چيو ته وائڙائپ جي شڪار عمران نيازي پارٽي جو آئين ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، عمران نيازي جي لاءِ رڳو هڪ ئي پيغام آهي،” بس اوهان کي گهٻرائڻو ناهي“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.