حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ پريشان، قومي اسيمبلي ۾ آڻيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار ۽ سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت 12 جنوري کان  اڳ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي.

ذريعن موجب وفاقي حڪومت 28 ڊسمبر تي ترميمي فنانس بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ارب ڊالرز قرض جا شرط ترميمي فنانس بل ۾ شامل آهن، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري جو بل به فنانس بل سان گڏ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي شوڪت ترين چيو آهي ته 12 جنوري تي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ به ڇهين جائزي واري رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

ناڻي واري صلاحڪار چيو ته پاڪستان 12 جنوري کان اڳ آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندو، ترميمي فنانس بل ۾ 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي.

ان بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو شرط آهي ته ترميمي فنانس بل اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ضروري آهي، جڏهن ته ترميمي فنانس آرڊيننس سان لاڳو نه ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.