نواز شريف موٽڻ چاهي ته پنهنجي کيسي مان ٽڪيٽ ڏيندس: شيخ رشيد

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پاڪستان اچڻ چاهي ته کيس 24 ڪلاڪن ۾ ويزا جاري ٿيندي ۽ ٽڪيٽ جا پئسا مان پنهنجي کيسي مان ڏيندس.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته اهي بيماري جو ڊرامو ڪري ٻاهر ويا پر ڪنهن ڊاڪٽر کي نه ڏيکاريو، اهي جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 جي پيداوار آهن، انهن اتي وڃي ٽارزن بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا.

سندس موجب شهباز شريف چيو ته اسان جا هٿ ۽ انهن جي ڳچي هوندي، توهان پنهنجي شڪل ڏسو، توهان جهڙي ڪرپشن ڪنهن ناهي ڪئي، توهان جا چور اسان جي ڳچي ۾ هٿ نٿا وجهي سگهن.

هن چيو ته شريف ۽ زرداري ٻئي خاندان ڪرپٽ آهن ۽ عمران خان آخري ساهه تائين ڪرپشن جي سياست خلاف وڙهندو رهندو.

متحده باني بابت سوال تي شيخ رشيد چيو ته ان کي شاگردي جي دور کان سڃاڻان ٿو، ان سان ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي، ڇو ته ان تي ڪيترائي قتل ڪيس آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان سان لاڳاپا اڄ به آهن ۽ سڀاڻي به هوندا.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ڪنهن به هٿ ناهي هٽايو، عمران خان ڪيڏانهن نه پيو وڃي، حڪومت سان اسٽيبلشمينٽ جا لاڳاپا سٺا آهن.

ڪالعدم تحريڪ طالبان جي معاملي تي هن چيو ته ٽي ٽي پي سان ڪنهن واسطي سان رابطا ضرور آهن، اسان افغانستان جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ طالبان خاطري ڪرائي آهي ته انهن جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.