قتل جا جوابدار گرفتار ڪيو، ملير ۾احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ملير (ڊ ر)حيدر سواتي جي قتل ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف دائود چورنگي تي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، احتجاجي ڌرڻي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، پيپلز پارٽي ايم پي اي محمد سليم بلوچ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، پاڪستان پيپلز پارٽي جو ايم اين اي آغا رفيع الله به ڌرڻي ۾ شامل، مسلم ليگ ن ملير جي صدر فيروز خان، پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ تاوس خان جدون، خليل جدون، جماعت اسلامي جي محمد بشير خان، جمعيت علماءَ اسلام جي مولانا احسان الله ٽڪروي، سماجي اڳواڻ شيرو بنگش ۽ ٻيا به ڌرڻي ۾ شامل، مظاهرين پاران حيدر سواتي جي قتل ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ سمورا روڊ بند رهيا ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندي جماعت اسلامي جي الطاف ميرخاني چيو ته قبضا مافيا اسان کان پنهنجو ڀاءُ کسيو آهي ظلم تي ظلم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته جيستائين سنڌ حڪومت قاتلن کي گرفتار نه ڪندي اسان جو احتجاج جاري رهندو ٻئي طرف ايس ايس پي ملير عرفان بهادر چيو آهي ته هن واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته حيدر علي سواتي جي ڀاءُ نواز سواتي چيو آهي ته اصل قاتل اڃا تائين فرار آهن جيستائين قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري نٿي ڪرائي وڃي ڌرڻو جاري رهندو، ڌرڻي ۾ شامل پيپلز پارٽي ايم اين اي آغا رفيع الله چيو ته هن وقت هڪ پارٽي جي نمائندگي نه پيو ڪيان مان عوام جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان ۽ عوام سان گڏ هن ڌرڻي ۾ شامل آهيان، هوڏانهن ايم پي اي محمد سليم بلوچ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جنهن بعد مظاهرين پاران اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر مک جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.