روھڙي ۾موٽرسائيڪل سوارن کي سوزوڪي جو ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) روھڙي ۾ موٽرسائيڪل سوارن کي سوزوڪي جو ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، زخمين جي وارثن جو پوليس  خلاف احتجاج. خبرموجب روھڙي ٿاڻي جي حد نادرا آفيس ڀرسان گذريل رات موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا زاھد حسين پٽ خادم خروس ۽ وسيم پٽ صحبت خروس وڃي رھيا ھئا ته نامعلوم سوزوڪي کين ٽڪر ھڻي ڪڍيو. جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار شديد زخمي ٿي پيا آھن. جن کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو. جتي وسيم خروس جي طبعيت انتھائي خراب ھجڻ سبب لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو آھي. ھوڏانھن روھڙي پوليس خلاف خروس برادري ماڻھن پاران سول اسپتال ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين روھڙي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مظھر خروس، خادم حسين، اڪبر علي، غلام شبير ۽ ٻين چيو ته نامعلوم سوزوڪي پاران ٽڪر ھڻي ٻنھي نوجوانن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد روھڙي پوليس جي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس سوزي ڊرائيور خلاف ڪابه ڪاروائي ناھي ڪئي. ٻنھي نوجوانن جي حالت انتھائي خراب ھجڻ باوجود پوليس ھن وقت تائين واقعي جو ڪيس به داخل ناھي ڪيو. ھنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري سوزوڪي ڊرائيور کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.