باقراڻي ۾بدامني، هفتي ۾ ڪيتريون ئي وارداتون،پوليس جي مجرماڻي خاموشي

خير محمد آريجا (رپورٽ : عطا محمد شاهه ) باقراڻي تعلقي ۾ بدامني عروج تي هڪ هفتي اندر چورين ڦرن جون ڪيتريون ئي وارداتون باقراڻي پوليس ڏوھارين اڳيان بي وس لاچار ۽ مجبور بڻيل عوام  جي جان مال غير محفوظ بڻيل آھن، جن ۾ باقراڻي جي مين بازار مان ھول سيل جي ڊيلر زيشان علي تنيو کان نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي 11 لک روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ي ويا آھن ، جڏھن ته پير شھيد لنڪ روڊ تان علي خان تنيو کان نامعلوم چور 2020 سي ڊي موٽر سائيڪل روڪ رقم، موبائل فونيون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن مين موئن جو دڙو روڊ لڳ حيدر بروھي کان ٻن شاگردن آفتاب شاھ ۽ شان ڀاڳت کان 2021 سي ڊي موٽر سائيڪل ٽي ٽچ موبائليون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ،جڏھن ته ساڳي ئي ٿاڻي جي حد مان فھد بروھي کان نامعلوم ھٿياربند نئين موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن،جڏھن ته ڏوھارين خود پوليس کي به نه بخشيو آھي ۽ باقراڻي ٿاڻي جي حد سرينھن لاڙي وٽان نامعلوم ڦورن پوليس اھلڪار تاج محمد منگي کان به نئين موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪئي مزاحمت تي پوليس اھلڪار مٿان تشدد ڪري فرار ٿي ويا آھن،  ھوڏانھن بقاپور ٿاڻي جي حد مان نامعلوم ڦورو ھٿيارن جي زور تي امتياز ڪلھوڙو کان روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرڪري فرار ٿي ويا آھن، جڏھن ته سيال ھائوس انور آباد مان فيصلي تان واپسي تي باقراڻي ٿاڻي جي حد لڳ گھنور واھ رائيس ڪئنال وٽان  8 کان ڏھ ھٿياربندن لاڙڪاڻه فرسٽ ايڊيشل ڪورٽ جي ريڊر بشير احمد ڪلھوڙو،ايڊوڪيٽ سھيل احمد ڪلھوڙو ۽ ٻين ڇھن ماڻھن کي ھٿيارن جي زورتي يرغمال بڻائي سندن کان موٽرسائيڪليون موبائل فونيون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرڪري فرار ٿي ويا آھن، جڏھن ته تعلقي باقراڻي جي پوليس ڏوهارين اڳيان بي وس نظر اچي رهي آهي ، ان موقعي تي تعلقي باقراڻي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سڃاڻ ڌرين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، آءِ جي سنڌ ،تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته خدار باقراڻي تعلقي مان بدامني ختم ڪرائي شهرين ۾ پکڙيل خوف ختم ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.