راڻيپور ۽ ڀرپاسي بدامني، هڪ ئي ڏينهن ۾ 2 وارداتون

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور شهر جا والي وارث چور مقرر ٿي ويا پوليس انتظاميه اگهور ننڍ ۾ ستل ھجڻ ڪري ھر آئي ڏينهن چورين ۾ اضافو ٿي ويو آھي، راڻيپور جي انصاري محلي مان صحافي منظور انصاري جي سوئٽن امتياز ۽ آفتاب انصاري جي گھر مان نامعلوم چورن دروازي جا تالا ٽوڙي لکين رپين جا سونا زيور ۽ قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، سيپڪو ملازم نظام کوکر جي سندس کوکر محلا ۾ گهر ٻاھران بيٺل ڪوري ڪار نامعلوم چاٻي چور ڪاھي فرار ٿي ويا.ان حوالي سان ڪار مالڪ ٻڌايو ته اسانجي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناھي ايس ايس پي خيرپور واقعو جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري ۽ چوري ٿيل ڪار جلد کان جلد واپس ڪرائي ڏني وڃي. جڏھن ته ٻنهي واقعن جون راڻيپور ٿاڻي تي ڌار ڌار اين سيون پڻ داخل ڪيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.