ڇاڇري ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف احتجاجي ريلي

ڇاڇرو(رپورٽ:يعقوب بجير) ڇاڇرو ۾ ٿر سجاڳ سٿ، سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سوين ماڻهن پاران ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف مين چوڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس  ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي  ريلي کي خطاب ڪندي وڪيل امرت ڪمار، وڪيل جسٽل ميگهواڙ، وحيد راهمون ، غلام سرور سميجو، بائيخان ڪنڀار ، اقبال تبسم، غلام علي راهمون، پير بخش راهمون, منٺار منڱريو ۽ ٻين  چيو ته ڪارونجهر اسان ٿر واسين لاءِ غيرت جي علامت آهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان سرمائيدار  سرڪار سان ملي ڀڳت ڪري ليزون حاصل ڪري قيمتي پٿر کڻي رهيا آهن جنهن سان جبل جون تاريخي ٽڪريون ختم ٿي رهيون آهي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل مقامي سياسي ماڻهون ڪٽائي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن پوءِ آخرڪار ڪير اهن جيڪي ٿر جي سڃاڻپ کي ميسارڻ گهرن ٿا سموري دنيا ڌرتي کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪندي آهي اتي پئسو خرچ ڪندي پر اسان وٽ قدرتي حسناڪي کي ختم ڪيو پيو وڃي ڪارونجهر ثقافتي ۽ قديمي اهڃاڻ آهي جنهن سان اسان جو فطري لڳاءُ آهي وقت جا حڪمران اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي ڪميشن عيوض ڪارونجهر جو سودو ڪيو آهي جيڪو کين مهانگو پوندو اسان تيستائين احتجاج جاري رکنداسين جيستائين ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ جاري سموريون ليزون رد نٿيون ڪيون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.