گھارو لڳ اڻڄاتل نوجوان جو دفنايل لاش هٿ

گهارو لڳ ( ن ع آ)گذريل رات ڌيرسان گهارو لڳ ٿهيم جي جنگ ۾ نامعلوم ماڻهن پاران دفنايل نامعلوم نوجوان جو لاش گهارو پوليس برآمدڪري ورتو.گهارو پوليس ڀرپاسي ڳوٺاڻن جي اطلاع ڏنو ته گذييل رات ڌيرسان ٻن ڪارن ۾ سوار ماڻهو اسان جي ڳوٺ ڀرسان جنگ ۾ جي زمين ۾ ڪجھ لڪائي وياآھن جنهن تي ڊي ايس پي ساڪروغلام رسول سيال پوليس اٽالن سان دفنايل جاءِ تي پهچي زمين جي کوٽائي ڪري ان.۾ دفنايل نوجوان جي لاش کي ٻاهرڪڍيوويو  تي زمين ۾ دفنايل لاش کي کوٽائيءَ بعد ٻاهرڪڍيو.  ڊي ايس پي.ساڪرو ميڊياکي ٻڌايوته دفنايل نوجوان جي عمر 27 سالن جي لڳ ڀڳ آھي اڃاتائين سندسڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي.لاش کي رورل هيلٿ سينٽرگهارو پهچايو ويو جتي ان جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد موت جوڪارڻ معلوم ڪيوويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.