رتوديرو ۾ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف ڌرڻو

رتو ديرو(ن ع آ) رتيديري جي آبادگارن ۽ هارين جو ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف رتوديرو _ شهداد ڪوٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪري ڌرڻو  هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اربيلو بروهي . وزير جلباڻي ، محمد صالح جتوئي ، الله ڏنو گوپانگ ، محمد اسماعيل . طارق ۽ علي راز بروهي دانهيندي چيو ته ، يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري منافعي خور واپارين انتظاميه جي ملي ڀڳت سان بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن ، ۽ 1768 روپين واري ڀاڻ جي ٻوري 28 سئو روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن ، جڏهن هن وقت اسان جي ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسائي هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي پر مقامي انتظاميه توڙي سنڌ حڪومت جا اعليٰ عملدار ان مسئلي کان ڪن لاٽار ڪري ويٺل آهن ، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سان گڏ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سبب فصل سڪي رهيا آهن ، اسان جو گذر سفر ان فصل تي آهي پر منافعي خور واپاري ۽ انتظاميه ملي ڀڳت ڪري هٿرادو ڀاڻ جي کوٽ کي برقرار رکيون پئي اچي هنن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ، زاراعت کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ سنڌ حڪومت سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ ڀاڻ سرڪاري اگھ تي مهيا ڪري ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي زراعت کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ڀاڻ جي مختلف ڪمپنين جا جعلي ڊيلر ان جا ذميوار آهن ۽ هو ڀاڻ خريد ڪري ذخيرو ڪري ٿا ڇڏين جنهن سبب ڀاڻ جي کوت ٿي رهي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.