سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جا 229 نوان ڪيس رپورٽ، 90 جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 17550 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 229 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن جو مجموعي انگ 7661 ٿي ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪورونا جا وڌيڪ 193 مريض صحتياب ٿيا آهن. صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 4 لک 66763 آهي. هن چيو ته هن وقت تائين صوبي ۾ مجموعي طور 70 لک 56206 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 4 لک 79136 ماڻهن جا نتيجا مثبت ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت 4941 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 4762 گهرن ۾، 36 آئسوليشن سينٽرز ۽ 143 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 137 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻُڌائي پئي وڃي. 16 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي جي 229 نون ڪيسن مان 90 جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي.

  • مملڪتي وزير فرخ حبيب پاران پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي عهديدارن کي مبارڪون

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي عهديدارن کي مبارڪباد   ڏيندي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري اسد عمر، سنڌ جي علي حيدي زيدي، خيبرپختونخواهه جي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي قاسم خان سوري، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معاملن کي بهترين انداز سان هلائيندا، وزيراعظم عمران خان پارٽي معاملن کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ  حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن جي سمورين اڪائين ۾ نمائندگي آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪارڪن نئين قيادت کي مضبوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.