لاڙڪاڻي ۾ايل ڊي اي ملازمن جو پگهارن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ لاڙڪاڻه ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن گذريل 24 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف 13 هين ڏينهن به شهر جي جناح باغ چوڪ تي ٽائر کي باهيون ڏئي 6 ڪلاڪن تائين  مسلسل ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي دوران ملازم مسعود ابڙو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي سندس ساٿي ملازمن ۽ صحافين باهه ڏيڻ کان بچائي ورتو. ته ڌرڻي ۾ ڪجھ ملازمن روڊ تي ليٽي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ڌرڻي ۾ جي يو آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت کهڙو، مولانا حميد الله سيال ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪري ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ممتاز لغاري، عاشق مغيري، اختر سنديلو، عبدالسلام شيخ، مير جان جتوئي، اسرار قريشي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻو ڊولمينٽ اٿارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي جي ترقي لاءِ قائم ڪئي هئي، جنهن کي بعد جي حڪمرانن ختم ڪري ڇڏيو، پر ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اقتدار ۾ ايندي هن اداري کي بحال ڪرايو، جنهن کي سنڌ حڪومت هن وقت تائين فعال ادارو نه بڻائي سگهي آهي ۽ نه ئي هن اداري لاءِ ڪا سالياني بجيٽ آهي، جنهن ڪري هميشا اسان کي پگهارن لاءِ دربدر ڪيو وڃي ٿو ملازمن پوليس جي چوڻ تي ڌرڻو ختم نه ڪيو صبح کان لڳل ڌرڻو ملازمن طرفان شام جو پاڻ مرادو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.