تبديلي سرڪار ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: نفيسا شاهه

خيرپور ( ڊ ر ) حضرت عيسي عليه سلام جي جنم ڏينهن جي حوالي سان  عيسائي برادري پاران چرچ ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ ايم اين اي سيده  نفيسه شاهه جيلاني شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته عيسائي برادري لاء اڄو ڏينهن انتهائي اهم آھي سندن خوشين ۾ شرڪت ڪري اهو پيغام ڏنو آھي ته پاڪستان پيپلزپارٽي  مذھبن ۽ فرقن توڙي اقليتن کي برابري جي نگاهه سان ڏسي ٿي ، هن چيو ته جمهوريه پاڪستان جي آئين موجب هر مذھب کي هڪ جهڙا حق حاصل آھن هن چيو ته خيرپور ۾ عيسائي برادري جي ڏکن ۽ سکن ۾ هميشه گڏ آھيون نفيسه شاهه چيو ته 25 ڊسمبر پاڪستان جي باني قائد اعظم جي جنم جو ڏهاڙو آھي قائدد اعظم جون ملڪ لاء عظيم قربانيون آھن جن کي قوم وساري نٿي سگهي ، افسوس آھي جو پاڪستان ۾ حڪمران قائد اعظم جي سوچ جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا آھن وفاقي سرڪار تبديلي جي نالي تي ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آھي هن چيو ته  جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت آئي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي قول فعل ۽ تصور مطابق ملڪ جي مظبوط جوڙڪ جڪ ڪري مڪل کي ترقي جي بلند منزل تائين پهچائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.