سنڌ جي اسپتالن اندر بھترين طريقي سان ٿيندڙ علاج

تحرير؛ مير ذوالفقار چانڊيو

سنڌ اندر گذريل 13 سالن کان ھڪ ئي پارٽي جي حڪومت ھلي رھي آھي ڪافي مضمونن ۾ سنڌ حڪومت تي تنقيد جا تير وسايا ويندا آهن ته سنڌ حڪومت سنڌ صوبي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي سنڌ صوبو کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر بيروزگاري بدحالي وڌيڪ آهي اسپتالون تباھ آهن. غريب مريض علاج لاءِ دربدر ٿي رھيا آھن. اھڙي قسم جي تنقيدي بيانن يان ڳالهين کان پوءِ دل ۾ خيال آيو ته تنقيدي ڪم کان پاسو ڪري ڪجھه دير جي لاءِ حقيقت پسند بڻجي حق سچ جي ڳالھه ڪري پنهنجي پڙھندڙن کي اکين ڏٺي احوال کان آگاھ ڪجي ته بھتر ٿيندو منهنجي نظر ۾ پاڪستان جي اڪثريت طرفان ٻڌايل ڳالهين کي ڏسي ڪري پنھنجو فيصلو ڪندا آهن پر حقيقت ۾ ڪجھه ٻيو ھوندو آھي ان ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته مسئلي جي پوري حقيقت معلوم ڪري پوءِ پنھنجي راءِ جو اظهار ڪجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

گذريل ٻن سالن کان منھنجي گھرواري ڊائلاسز مريض ھفتي جا ٽي چار ڏينهن سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ وڃڻ ٿيندو رھندو آھي جيڪو اڄ به جاري آهي سنڌ جي سرڪاري اسپتالن اندر مون پنهنجي اکين سان جيڪي منظر ڏٺا آهن دل چاھيو ته توهان دوستن سڄڻن سان ونڊ ڪجن سچ کي سچ ڪوڙ کي ڪوڙ ظاهر ڪجي سڀ کان اڳ سنڌ جي دل ڪراچي اندر قائم S.i.U.T سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽ اسپتال تي نظر ڪجي ته ھي پاڪستان جي پھرين سرڪاري اسپتال آهي جيڪا گذريل 20 سالن کان سڄي پاڪستان ۾ بنا ڪنهن ذات پات رنگ نسل جي ماڻهن جو مفت ۾ علاج ٿي رهيو آهي جنهن ۾ خاص ڪري مريضن جي گردي ۽ جيئري جي پيوندڪاري بلڪل مفت ۾ ٿي رهي آهي سڀ کان پهرين اھو ساڳيو علاج پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ميسر ٿيندو ھو جيڪو سنڌ حڪومت جي تعاون سان سنڌ ۾ علاج ممڪن ٿي رهيو آهي ياد رهي ته گردي جيئري جي پيوندڪاري جو پرائيوٽ علاج 70 کان 80 لکن تائين ٿيندو آهي جيڪو صرف اسلام آباد تائين محدود آهي.

منھنجي اکين جي احوال مطابق ھي سنڌ جي واحد پھرين اسپتال آهي جتي سؤ سيڪڙو مفت ۾ علاج ٿيندو آهي. ڪا به فيس وغيره يان ٻاھريان دوا وٺڻ جي ضرورت نه آهي، سڀ ڪجھه اسپتال طرفان مفت ۾ ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن روزاني جي بنياد تي گردي فيل مريضن جي ڊائلاسز جي ڳالھه ڪجي ته اھا به روزاني جي بنياد تي ھزارين مريضن جي مفت ۾ ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ پڻ پوري پاڪستان جا مريض شامل ھوندا آھن ھڪ مريض جي پرائيوٽ اسپتالن اندر ھڪ ڊائلاسز جو خرچ پنج هزار آهي پر وڏي ڳالھه ته ان اسپتال ۾ اھو ڪم مفت ۾ ڪيو ويندو آهي.

ھڪ رپورٽ مطابق ايس آءِ يو ٽي اسپتال ۾ ھر سال گردي جيئري جي پيوندڪاري سميت مختلف آپريشنز مريضن جي تعداد ھڪ لک کان مٿي آهي ان اسپتال اندر ڪينسر جھڙي موذي مرض جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو آهي ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن سنڌ جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن جو احوال لکجي ته دل جي مريضن لاءِ پاڪستان ليول تي ھي پھرين اسپتال آهي جتي خاص طور دل جي بيمارين جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ دل جي مريضن جي انجيو پلاسٽري جو پرائيوٽ علاج اٺ لک جي برابر آهي انجيو گرافي جيڪا ھڪ لک ۾ ممڪن آهي دل جي مريضن جو باءِ پاس جيڪو علاج ھن وقت پرائيوٽ اسپتالن ۾ پنج لک جي برابر آهي ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اھو علاج صرف اميرن جو يان ھڪ صوبي وارن جو نه پر ھر پاڪستاني غريب عوام جو بلڪل مفت ۾ علاج ٿي رهيو آهي جيڪڏهن صرف ڪراچي جي ڳالھه ڪجي ته پوري ڪراچي اندر دل جي مريضن لاءِ 2 وڏيون اسپتالون قائم آھن جتي دل جو ھر علاج ممڪن آهي ان سان گڏ ڪراچيءَ جي مختلف روڊن تي ڪنٽينر اين آءِ سي وي ڊي اسپتالون قائم ٿيل آھن جيڪي شھرين کي گھر جي دروازي تي علاج مهيا ڪري رهيون آهن 24 ڪلاڪ مفت سروس آهي.

ياد رهي ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن جو قيام صرف ڪراچي ۾ نه پر سنڌ حڪومت جي تعاون سان سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ اھا سھولت ھلي رھي آھي انھن اسپتالن اندر دل ۾ سوراخ وارن مريضن جو علاج ڪنھن ننڍڙي ٻار جي پيدائشي دل جي مسئلن کي پڻ حل ڪيو ويندو آهي سڀ کان وڏي ڳالھه ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن اندر دل جي مريضن جو تاحيات مفت ۾ علاج ڪيو ويندو آهي جيڪو ھڪ مھيني جو 20 ھزارن ۾ ڪورس آھي پر سنڌ حڪومت جي تعاون سان فري ڪورس ھلي رھيو آھي وڏي ڳالھه ته انھن اسپتالن اندر شڪايتي سيل قائم ٿيل آھن جتي مريض پنھنجي شڪايتن کي حل ڪري سگھن ٿا.

ان سان گڏ صحت جي سھولتن جي ڳالھه ڪجي ته سنڌ جي تمام ٻھراڙيءَ واري شھر گمبٽ ۾ قائم گمس اسپتال پنھنجو مٽ پاڻ آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي گمس اسپتال پاڪستان جي ٽن وڏين اسپتالن ۾ ڳڻي ويندي آهي جتي پاڪستان طرفان ناممڪن علاج کي ممڪن بڻايو ويو آهي ان اسپتال ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي صاحب جي ڏينهن رات جدوجهد سنڌ حڪومت جي مدد سان ھڪ ننڍڙي شھر جي اسپتال ۾ ايتريون ته سھولتون ھڪ ڇت ھيٺ ڏنيون آھن ،جو سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو ھن اسپتال جو رخ ڪن ٿا. گمبٽ اسپتال ۾ ھيٺيون سھولتون عام ماڻھن کي ميسر آھن.

 1)  جيئري جي پيوندڪاري

2)  گردي جي پيوندڪاري

3) ڪارنيل ٽرانسپلانٽ

4) ڪينسر جي جديد اسپتال ( گاما نائيف جي سھولت سان گڏ ) 

 5 ) بون ميرو ٽرانسپلانٽ

6) دل جي بيمارين جي ھر قسم جي علاج ( اينجيو پلاسٽي، اينجيو گرافي ،باءِ پاس سرجري ، ننڍن ٻارن کي دل جا سوراخ بند ڪرڻ  جي سرجري)

7) نيورو سرجري

8) آرٿروپيڊڪ سرجري 

9 ) جديد برنس وارڊ جي سھولت

10) جنرل سرجري 

11) پيڊياٽرڪ سرجري 

12) گائني وارڊ ۽ گائناڪاليجڪل سرجري

13) ايمرجنسي وارڊ

14) ڪورونا لاءِ آ سي يو وارڊ جي سھولت

 15) گيسٽرو اينٽرولوجي وارڊ 

سان گڏ تمام گھڻو علاج ڪجھه پيسن سان ميسر آهي پر اھي سڀ سھولتون سئو سيڪڙو مفت ۾ نه آهن پر مريض کي ڪجھه رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي خاص ڪري ٽيسٽون ڪرائڻ ۾ اڌ پيسا فيس آهي مطلب ھڪ ٽيسٽ ھزار جي آهي ته پنج سئو ڏيڻا پوندا اھڙي جديد اسپتال ۾ جديد مشينري سان ناممڪن علاج کي ممڪن ڪري حقيقت ۾ سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳتي آهي ياد رهي ته ان اسپتال ۾ بنا ڪنهن رنگ نسل مذهب جي پوري پاڪستان جي ماڻهن جو علاج تمام گھڻي عزت احترام سان ڪيو ويندو آهي.

ان کان علاوه جيڪڏهن سيوھڻ شھر ۾ قائم عبدالله شاھ اسپتال جي ڳالھه ڪجي ته ان اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي ھر قسم جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو آهي. منهنجي اکين ڏٺو احوال آهي ته ان اسپتال ۾ مريضن کي 16 ھزار 30 ھزار جي ھڪ ھڪ انجيڪشن بنا ڪنهن سفارش يان تڪليف جي جلدي ۾ مفت ملي ويندي آهي ان کان علاوه ان اسپتال اندر پوري سنڌ کان ايندڙ مريضن جو 70 علاج ڪيو ويندو آهي.

وڏي ڳالھه ته اسپتال اندر 24 ڪلاڪ ڊائلاسز سينٽر آهي جتي قلندر جي پانڌيئڙن سميت پوري سنڌ جي ماڻهن جي مفت ۾ ڊائلاسز ٿيندي آهي ان کان علاوه ڄامشورو جي لمس اسپتال شھداد پور جي سمس اسپتال پنھنجو مٽ پاڻ آھن جتي به ھر قسم جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو آهي. منهنجي شھر  نواب شاھ ۾ قائم ٿيل بينظير انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽ ادارو ٺھي چڪو آهي جيڪو جنوري جي مھيني ۾ پنھنجي ڪم جي شروعات ڪندو جتي گردي جي پيوندڪاري يا ليزر ذريعي آپريشن ڪري مفت ۾ علاج ڪيو ويندو ان اسپتال جي ٺھڻ سان سنڌ اندر گردي جي پيوندڪاري تمام آسان ۽ جلد ٿي ويندي. اڄ کان ڏھ سال اڳ گردي جي پيوندڪاري ۾ ھڪ سال لڳي ويندو هو پر سنڌ حڪومت جي مدد سان اھو علاج ھڪ کان ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ حڪومت جي وڏي مان وڏي ڪاميابي آهي

ايئن سنڌ اندر خطرناڪ بيمارين جو جديد طريقي سان علاج ممڪن آهي جيڪو پاڪستان ۾ صرف سنڌ صوبي اندر مفت ۾ ڪيو ويندو آهي باقي صوبن خاص ڪري اسلام آباد ۾ اھڙي علاج تي پنجاھ کان اسي لک روپيا خرچ ايندو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي منشور مطابق صحت جون سهولتون گھر جي دروازي تي پھچائڻ ۾ ھر قدم اڳتي آهي آخر ۾ سنڌ حڪومت وزير صحت کي عرض آهي ته سنڌ جي پراڻين اسپتالن ڏانهن ڌيان ڏين جن جي حالت تباھي ڪناري پھتل آھي جنھن ۾ خود وزير صحت جي اباڻي ضلعي جي وڏي مان وڏي اسپتال تباھي جو ڏيک ڏئي رهي آهي مريضن جو بھتر علاج نه ٿيڻ سبب مريض تڙپي تڙپي مري رهيا آهن جنهن جو واضح مثال ھلندڙ ھفتي وزير صحت عذرا پيچوهو جي سؤٽ آفتاب زرداري جو  موت آهي جيڪو پي ايم سي ھاسپٽل ۾ گيس آڪسيجن نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي مري ويو ھو. ان سان گڏ عام مريضن کي اسپتال اندر سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.