پير بخش جوڻيجو جنهن بيسڪ يونٽ هيلٿ سينٽر لاءِ پنهنجي زمين ڏني

تحرير: ساجد مسڻ

سنڌي ۾ چوندا آهن ته ”جيءُ خوش ته جهان خوش“ مطلب جان آهي ته جهان به آهي.

تعليم ۽ صحت ٻه اهم ۽ بنيادي سهولتون آهن، جيڪي پوري ملڪ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن، وستين ۽ واهڻ ۾ معياري سطح تي هجڻ گهرجي.

قومن جي معاشي ۽ اقتصادي ترقيءَ جو دارومدار به صحتمند معاشري تي ٻڌل هوندو آهي. رٽائرڊ ڊپٽي سيڪريٽري پير بخش خان جوڻيجي صاحب پنهنجي ڳوٺ حاجي شير محمد جوڻيجو ۾ پنهنجي ئي زمين ڏئي بيسڪ يونٽ هيلٿ سينٽر شير محمد جوڻيجو جو قيام عمل ۾ آندو آهي، جنهن بهترين ۽ وقتائتي عمل جي جيتري آجيان ڪجي سا گهٽ آهي.

سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن هر صاحبِ حيثيت يا پنهنجي ڳوٺ جو پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور فرد ذاتي ڪوششون وٺي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل ڳوٺن ۾ بيسڪ يونٽ هيلٿ سينٽر کولڻ جي ڪوشش ڪن ته هن سماج ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي.

بيسڪ يونٽ هيلٿ سينٽر شير محمد جوڻيجو کولڻ واري منصوبي تي ڪم ڪندي رفيق احمد جوڻيجي صاحب، سيڪشن آفيسر هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ضلع مينيجر (پي پي ايڇ آءِ) عبدالرحيم جوڻيجو سان خصوصي ملاقات ڪري کيس قانوني گهرجون پوري ڪرڻ لاءِ ڳالھ ٻولهه پڻ ڪئي.

رفيق احمد جوڻيجي صاحب، سيڪشن آفيسر (هيلٿ ڊپارٽمينٽ) جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي مڪمل سرورس دوران هميشه سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جي بنا ڪنهن غرض ۽ لالچ جي خدمت ڪئي آهي،

هاڻي به ساڳي  مقصد سان عوامُ الناس جي خدمت ڪرڻ واري جذبي سان جاري رکندا پيا اچون. انهيءَ موقعي تي ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ عبدالرحيم جوڻيجو صاحب جو چوڻ هو ته هن وقت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ لڳ ڀڳ 36 بيسڪ هيلٿ يونٽ سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي اڃان به وڌيڪ ڪوشش رهندي ته نه رڳو انگ کي وڌايون پر ان جي معيار ته به پورو لهون.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان پنهنجي ضلعي لاڙڪاڻي جي عوام کي مڪمل سهڪار ۽ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، جيڪو اسان جو فرض به آهي قرض به…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.