الياس عشقي جو جنم ڏينهن

تحرير: محمد رمضان شورو جي پوسٽ

ڪالهه اردو، فارسيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري شاعر، ليکڪ، براڊ ڪاسٽر الياس عشقي جي پئدائش جو ڏينهن هو، هن 25 ڊسمبر 1922ع تي جئپور ۾، مشهور شاعر ۽ ليکڪ علامه زري جئپوري جي گهر ۾ جنم ورتو، الياس عشقي آگرہ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فارسي) ۽ ايم. اي (اردو) ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان اچي ويو، ھتي اچي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جوائن ڪيائين، جتان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عھدي تي پھچي رٽائر ٿيو، ھن اردو، فارسيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، کيس انگريزي، فارسي، سنڌي، اردو ٻولين تي عبور حاصل هو، سندس فارسي ڪلام جو مجموعو ”شهر آشوب“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن سنڌ جي ڪجهه شاعرن جي شاعريءَ جو منظوم اردو ترجمو ڪيو، جيڪو ”موج موج مهران“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، هن شاهه لطيف جي به ڪيترن سُرن جي بيتن جو بيت جي ئي فارميٽ ۾ اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، هن شاهه عبداللطيف تي ”آوازِ لطيف“ جي عنوان سان به ھڪ ڪتاب لکيو، کيس حڪومت پاڪستان پاران هلال امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو، ھن 16 جنوري 2006ع تي سعودي عرب ۾ وفات ڪئي..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.