شاڪر جي شاعري ۽ زهر جو ذائقو

تحرير: عمر قاضي

شاعري ڇا آهي؟ هي سوال جڏهن هڪ انگريز مفڪر کان پڇيو ويو ته هن عجيب جواب ڏنو. هن چيو ته، جيڪڏهن توهان مون کان نه پڇيو ته شاعري ڇا آهي ته مان سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿو پر جيڪڏهن مونکان پڇو ٿا ته شاعري ڇا آهي ته پوءِ مان اهو جواب ڏيندس ته مونکي ڪا به خبر نه آهي ته شاعري ڇا آهي.

شاعريءَ جي سڀ کان سولي ۽ سڀ کان ڏکي ڳالهه اها آهي ته شاعري ڪا ڀاڄي يا برياني نه آهي جو ان جي ڪا ترڪيب هجي، جيتوڻيڪ شاعري جو هڪ فن به آهي پر علم عروض ڄاڻڻ وارو هر ماڻهو شاعر نه هوندو آهي. ان جي لاءِ ادب جي دنيا ۾ شاعري جيڪا دين سمجهي ويندي آهي. اهڙي دين جنهن شخص کي ملي، تاريخ بادشاهن ۽ امير ماڻهن کي اهڙي ڏات کان محروم ڏٺو آهي. اها ڏات جي ميراث غريبن ۽ فقير ماڻهن وٽ ايتري گهڻي هوندي آهي جو ڪو به شخص حيرت ۾ پئجي سگهجي ٿو ته هن مسڪين وٽ شاعري جي ايتري ميراث ڪٿان آئي آهي.

شاعري ڪو فارمولو نه آهي، شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي به هوندي آهي ته شاعريءَ ۾ قافعابندي به هوندي آهي، پر مرزا غالب چواڻي قافعابندي شاعري نه آهي. شاعري هڪ جذبو هوندو آهي ته هڪ جوش به هوندو آهي. شاعريءَ ۾ هڪ ولولو به هوندو آهي ته منجهس هڪ اميد به هوندي آهي. پر جنهن شاعريءَ ۾ ڏک نه آهي اها شاعري دل کي ڇُهي نٿي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ته لڳندو آهي ته شاعري ڏک جي ميراث آهي، ڏک شاعريءَ جو روح آهي، ڏک کانسواءِ شاعري ايئن آهي جيئن لوڻ کانسواءِ کاڌو! ۽ جيڪڏهن شاعريءَ کي ٻولي به ڏکوئيندڙ ملي وڃي ته ڳالهه سون تي سهاڳ جهڙي ٿي ويندي آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو بنيادي طور هڪ سياستدان هئو پر سندس ادبي ذوق کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي، مونکي خبر نه آهي ته ڀٽي صاحب کي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ کانسواءِ ٻين ڪيترين ٻولين تي عبور هئو پر هن پنهنجي ڪيس هلندي آخر ۾ چيو هئو ته سندس هن وقت جيڪا ڪيفيت آهي اها هن ملڪ جي صرف هڪ ٻوليءَ ۾ ئي بيان ٿي سگهي ٿي اها ٻولي آهي سرائڪي! ان ڪري هن پنهنجي بچاءَ ۾ ڏنل بيان جي آخر ۾ چيو هو.

نہ کوئی دلیل اي نہ کوئی وکیل ای

درداں دی ماری، دلڑی علیل ای۔

سرائڪي شاعريءَ ۾ جيڪو درد آهي جيڪو ڏک آهي، سرائڪي شاعريءَ ۾ جيڪا وڇوڙي جي خوشبوءِ آهي، اها اسان جي ملڪ جي ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۾ نه آهي. جيتوڻيڪ سنڌي زبان کي محبت جي زبان چيو ويندو آهي، سنڌي ٻولي محبت جي ٻولي آهي پر اسان سنڌيءَ جو مقابلو سرائڪيءَ سان نٿا ڪري سگهون. ڇاڪاڻ ته سرائڪي ٻوليءَ ۾ جيڪو ڏک آهي اهو ڏاڍو معصوم آهي.

سرائڪي شاعريءَ جي ڳالهه مونکي ان ڪري ذهن تي تري آئي جو ڪجهه ڏينهن کان سرائڪي ٻوليءَ جي نامياري شاعر شاڪر شجاع آبادي جي ڏکوئيندڙ حالتن واري وڊيو جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. ۽ جنهن وڊيو جي معرفت حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هن غريب شاعر جي ياد آئي آهي جيڪو سرائڪي پٽي جي عوام جي ڏک جي علامت آهي.

اسان جي سياست ۽ سرڪار ۾ هي بي حسي ڪهڙي آهي، جو جيستائين ڪو ڏکُ، ڪو درد وائرل نٿو ٿئي تيستائين ڪنهن کي، ڪنهن غريب ۽ مظلوم جي ياد نٿي اچي. هاڻ شاڪر شجاعُ آباديءَ کي فون به اچي رهيا آهن ۽ اڳوڻا حڪمران ساڻس ملڻ لاءِ به اچي رهيا آهن. ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته هاڻ هڪ غريب شاعر تي سياست ٿيڻ لڳي آهي، اهو شاعر جنهن سموري عمر ۾ مال ملڪيت نه ٺاهي، اهو شاعر جنهن ڪو بنگلو ڪا ڪار خريد نه ڪئي، اهو شاعر جنهن سموري زندگي صرف ۽ صرف ڏکن کي لفظن ۾ مڙهيو. آخر اسان جي سياستدانن ۽ حڪمرانن کي هن جي شاعريءَ معرفت کين سندس يادگيرو ڇو نه آيو.

هن ملڪ ۾ سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ علمي ادبي ادارا آهن، انهن جون بجيٽون آهن جيڪي ڪروڙن ۾ آهن، پر انهن ادارن کي ان شاعر جي ياد ڪڏهن به ڪا نه آئي، جنهن شاعر لکيو آهي ته:

ہر وار اے شاکر ممکن نئیں

توں جھڑکیں تے میں ول آواں

هيءُ شعر به شاڪر شجاع آباديءَ جو آهي.

جے شاکر سامنے نئیں ملدا

ساکون خواب وچ ملن گوارا کر

مونکي شاڪر شجاع آباديءَ جي شاعريءَ کان متعارف ڪرائڻ وارو شخص منهنجو دوست غفار نيازي هئو، جڏهن هُن مونکي شاڪر جي شاعري پنهنجي مخصوص انداز سان ٻڌائي ته مونکي ايئن لڳو، ڄڻ ڏور بيابان ۾ ڪو ڏک سان ڀريل بئنسري وڃائي رهيو آهي، غفار صاحب جي معرفت مونکي معلوم ٿيو ته، شاڪر جي شاعريءَ ۾ اندر جا اڻ پورا ارمان سانڍيل آهن، سندس شاعريءَ ۾ ته صرف ۽ صرف شڪايت آهي. اها ڳالهه به ويچار لائق آهي ته، شڪايت صرف پنهنجن سان ڪبي آهي.

شاڪر جي شاعر فقط اداسيءَ جي روايت سان ڳنڍيل نه آهي، شاڪر جي شاعري انهن موضوعن کي به ڇهندڙ آهي جيڪي اسان جي نام نهاد دانشورن جي جديد بحث جو موضوع آهن، جڏهن نسواني تحريڪ نعرو هڻي ٿي ته ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“ ته شاڪر پنهنجي شاعراڻي راءِ پيش ڪندي چوي ٿو.

نہ جسم تیڈا؛ نہ جان تیڈی

اے ترکہ رب رحمان دا ہے

اوندے حکم بغیر تو بے وس ہیں

اے فیصلہ پڑھ قرآن دا ہے

میڈے جسم تے مرضی میڈی اے

اے وہم گمان انسان دا ہے

تیڈی روح ہے شاکر مالک دی

تیڈا ڈھانچہ قبرستان دا ہے

ڇا ڪنهن شاعر، پوءِ ڀلي اهو شاعر اردوءَ جو هجي توڻي انگريزي ۾ شاعري ڪري، ڇا سندس شاعري جو معراج اهڙا منظر ڏيکاري سگهي ٿو؟

شاڪر جي شاعريءَ ۾ جيڪا بغاوت آهي، اها بغاوت ڪنهن ٻئي شاعر جي ڀاڳ ۾ نه آئي آهي، اسان وڏا وڏا شاعر ڏٺا آهن انهن کي پڙهيو آهي، ٻڌو آهي ۽ ڏٺو آهي ته شاعريءَ کي ڪيئن ترقيءَ جي ڏاڪڻ بڻايو ويو آهي.

ٻيو ته ٺهيو خود شاڪر جي شاعريءَ کي سوشل ميڊيا تي سجائي رکڻ وارا به جام ڪمائي رهيا آهن، پر هڪ غريب شاعر کي ڇا مليو؟ هن عمر ۾ ڊهندڙ صحت به وقت ٻئي هٿ خالي.

شاعرن کي فقط انٽرٽينمينٽ سمجهڻ وارن کي هيءُ به سمجهڻ گهرجي ته هي ملڪ جيڪو اسان حاصل ڪيو آهي، اهو پڻ هڪ شاعر جو خواب هُئو. جنهن معاشري ۾ شاعر جو احترام نه ڪيو ويندو آهي، اهو معاشرو بحرانن جي وَرِ چڙهي ويندو آهي. ان معاشري جو توازن ٽٽي پوندو آهي.

شاڪر شجاع آبادي جي شاعري صرف شاعري نه آهي، اها هڪ آئينو آهي اسان ان آئيني ۾ پنهنجو مُهانڊو ڏسي سگهون ٿا. اسان ان شاعريءَ جي آئيني ۾ سرائڪي وسيب جي درد جو درشن ڪري سگهون ٿا.

شاڪر جي شاعري هڪ شخص جي ڏک درد جي ڪهاڻي نه آهي، شاڪر جي شاعري ته سرائڪي وسيب جو سمورو ڏک پاڻ ۾ سمائي اظهار ڪري ٿي.

سنڌ جي صوفي شاعرن به سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ ان شاعريءَ ۾ شيخ اياز چواڻي، جيڪو ماکيءَ جو مٺاسُ ۽ گلن جي خوشبو آهي، ان شاعريءَ ۾ جيڪڏهن غوطو ڏين ته انهن کي اهو احساس به ٿيندو ته ان شاعريءَ ۾ زهر جو ذائقو به آهي. زهر جو ذائقو ڇا هوندو آهي. اها ڳالهه ڪو به خودڪشي ڪرڻ وارو شخص ٻڌائي نٿو سگهي، پر شاڪر شجاع آباديءَ جي شاعري ٻڌي ۽ پڙهي اسان محسوس ڪري سگهون ٿا ته زهر جو ذائقو ڪيئن هوندو آهي.

شاڪر جي شاعري زهر جو ذائقو آهي، ولائتي شراب پيئڻ وارن ۽ منرل واٽر سان ونجهڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته زهر جو ذائقو ڪهڙو هوندو آهي، زهر جو ذائقو اهڙو هوندو آهي، جهڙي شاڪر شجاع آبادي جي شاعري آهي!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.