ملڪ ۾ گئس جو بحران حقيقي آهي ؟

وفاقي حڪومت ته ملڪ ۾ گئس جي بحران واري ڳالهه کي اهڙو پڪو پختو ڪري پيش ڪري رهي آهي جو عام ماڻهون سمجهي پيو ته واقعي ملڪ ۾ قدرتي گئس جي کوٽ ٿي وئي آهي، پر سنڌ حڪومت وفاق جي اهڙي راءِ کي پهرين ڏينهن کان رد ڪري رهي آهي.

اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهون وڌيڪ پريشان ٿي رهيو آهي.سنڌ حڪومت، وفاقي سرڪار جي ملڪ ۾ گئس بحران واري ڳالهه کي مڪمل رد ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اهڙو بحران هٿ سان پيدا ڪيو ويو آهي.جنهن جو مقصد رڳو عام ماڻهون کي بيزار ڪرڻ آهي.سنڌ جي ماحوليات واري وزير اسماعيل راهو  عمران حڪومت جي  قدرتي گئس جي  ذخيرن ۾ هر سال گهٽتائي واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو.وزير جو  چوڻ ھو ته گهٽتائي ذخيرن ۾ نه پر عمران حڪومت جي اهليت ۾ ٿي رهي آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قدرتي گئس جي  ذخيرن ۾ ڪابه کوٽ ناهي، صوبائي وزير چيو ته  وفاقي حڪومت ڪوڙ پئي ڳالهائي،قدرتي گيس جي ذخيرن ۾ پهريان کوٽ ڇونه هئي جو اوهان جي حڪومت ۾ ٿي رهي آهي؟. اسماعيل راهو چيو ته وزيراعظم گيس لوڊشيڊنگ جو نوٽس وٺي، سنڌ کي بنا رنڊڪ جي گيس فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته  ستر سيڪڙو گيس پيدا ڪندڙ سنڌ صوبي جي عوام وفاقي نااهلي سبب ڇَيڻَن تي کاڌو رڌڻ تي مجبور آهي، صوبائي وزير چيو ته  آئين جو آرٽيڪل 158 چوي ٿو جنهن صوبي مان گيس نڪري ٿي پهريان انجو حق آهي، عمران حڪومت ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ گيس بحران پيدا ڪري ايل اين جي مافيا  جو ساٿ ڏئي پئي، وزير چيو ته ڪاٺين ،ڇَيڻَنِ  يا ڪنهن به ٻئي ٻارڻ  سان پيدا ٿيندڙ دُونهَون ماحوليات لاءِ نقصانڪار آهي،هن چيو ته،

سنڌ جي حصي جي گيس ٻين صوبن کي ڏيڻ  ظلم آهي. اسماعيل راهو  چيو ته سنڌ پهريان ئي پاڻي جي کوٽ  کي منهن ڏئي رهي آهي ان کانسواءِ سنڌ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ پاڻي نه پهچڻ جي نتيجي ۾ عام ماڻهون سميت سموري خطي جي مجموعي زندگي گهڻو ڏکي ٿي پئي آهي . هن موسمياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي چيو ته توازن جي بگاڙ  سبب سنڌ جو هيٺيون ڀاڱو هاڃيڪار پاڻي واپرائي رهيو آهي. اتي جي عمومي زندگيءَ متاثر ٿي وئي آهي.مٿان وري عمران خان جي سرڪار گئس جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ماڻهن جي مسئلن کي وڌائي رهي آهي.صوبائي وزير جو چوڻ هو ته  ھاڻ ته حڪومتي وزير به گيس بحران تي پنھنجي حڪومت خلاف احتجاج پياڪن، هن چيو ته اها ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ گئس سنڌ جي لاءِ  ميسر ناهي.

اها ان لحاظ سان انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي ، ان جو مطلب اهو ٿو نڪري ته وفاق جا نمائندا سموري ملڪ جي عوام سان دوکو ڪري رهيا آهن، ڪجهه مهينن کان وفاقي سرڪار اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي جو عام ماڻهو واقعي اهو سمجهي  رهيو آهي ته ملڪ مان قدرتي گئس جا ذخيره ختم ٿي ويا آهن، پر سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل ۽ ذميوار وزير جي دعويٰ آهي ته اها رڳو موجوده عمران خان سرڪار جي ٽيم جي ماڻهن جي نا اهلي آهي، صوبائي وزير واضح  ڪيو آهي ته  ملڪ ۾ قدرتي گئس جي ذخيرن ۾ ڪا به کوٽ  نه  آئي آهي.

. اسان سمجهون ٿا ته سمورين ڌرين کي هن پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي، عوام جي هن تمام گهڻي اهم مسئلي جي ڇنڊڇاڻ ٿين گهرجي . سنڌ سان وفاق جي عمومي روئي سبب اهڙي ڳالهه کي عوام ۾ پکيڙڻ ته ملڪ ۾ گئس جو بحران آهي، ان جي لاءِ عام ماڻهون کي پريشان ڪرڻ ۽ذهني دٻاءَ ۾ رکڻ انتهائي غلط عمل آهي، جنهن جا ڪي به سٺا نتيجا نه نڪرندا.

سنڌ ۾ گئس جي کوٽ پيدا ٿيڻ جي ڪري ماڻهن جي بجيٽ تي بار به وڌي ٿو، ته رواجي زندگيءَ جي  سموري ترتيب به بگڙي ٿي وڃي.جنهنڪري عوام وڌيڪ ڀوڳي ٿو.

گئس جي کوٽ جي بهاني سان گئس جي مقرر ڪيل شيڊول جي باوجود مقرر وقت تي ماڻهن کي گئس نٿي ملي،ٻئي پاسي وري عوام کي متبادل ٻارڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي، ٻارڻ جي ٻين ذريعن ۾ ڪاٺيون، گاسليٽ ۽ سنڌ جي ٻهراڙي جا علائقن ۾ مال جي ڇيڻا پڻ ڪتب آندا وڃن ٿا، جنهن سان نه رڳو ماحول خراب ٿي رهيو آهي پر ماڻهن جي بجيٽ به گهڻوُ متاثر ٿي رهي آهي.

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ هاڻوڪي گئس جي بحران ڪيترين ئي ٻين مافيائن کي پڻ پيدا ڪيو آهي، جنهن ۾ ايل پي جي گئس وارن واپارين پنهنجا کيسا ڀرڻ شروع ڪري ڏنا آهن، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وري گئس سيلينڊرز جو استعمال وڌيو آهي ، ان سان گڏ سيلينڊر ۾ استعمال ٿيندر گئس جي واپارين  ان جا اگهه پڻ وڌائي ڇڏيا آهن.

وفاقي سرڪار جي گئس جي کوٽ بابت حڪمت عملي جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو، ان مان وفاقي حڪومت ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، اهي ۽ اهڙا ٻيا سوال عام ماڻهون جي ذهن ۾ پيدا ٿي رهيا آهن.

ڪنهن به اهم سهولت بابت عوام کي گمراهه ڪرڻ يا ان بابت غلط فهمي پيدا ڪرڻ انتهائي غلط عمل آهي، اهڙين حڪمت عملين سان عوام مونجهاري جو شڪار ٿي رهيو آهي، ماڻهن جي زندگي ڏکي ٿي وئي آهي. عوام تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کي گئس جي بحران بابت گڏجي ويهي ڪو حل ڪڍڻ  گهرجي،ان ۾ ئي عوام جي ڀلائي آهي، ان سان ئي ماڻهن جي خدمت ٿي سگهي ٿي،.

اهو ٺيڪ آهي ته سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي پر اهڙو ڪو عمل جيڪو عوام کي تڪيلف پهچائي ان کان بچڻ گهرجي، سياست جي ميدان ۾ به مثبت ڳالهين کي رائج ڪرڻ گهرجي،هاڪاري ڪارڪردگيءَ سان ئي عوام ۾ مڃتا ماڻڻ سان ڪا تبديلي اچي سگهي ٿي، باقي سکڻن نعرن سان عوام سان ڀوڳ بند ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو، ان ۾ ئي اسان  سڀني جي ڀلائي لڪيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.