اسان کي به رياستِ مدينه کپي 

تحرير: رياض ابڙو 

ڳالهه اها ناهي هوندي ته ووٽ ڪير ٿو ڪري پر ڳالهه اها ضرور هوندي آهي ته ووٽ ڪير ٿو ڳڻي معنيٰ اها آئڊيالوجي ۽ نظرياتي ويڙھ اسان جي ملڪ جي پيش منظر ۽ پس منظر ۾ ٺهي ٿي ۽ ٺهڪي ٿي اچي، ڇو ته اسان وٽ ووٽ هڪ اهڙو پردو آ جيڪو هلائڻ يا هٽائڻ سان اسان وٽ ڊرامي جو سين تبديل ٿي ويندو آهي  يا تبدلي اچي ويندي آهي  پوءِ اها مثبت يا منفي، مدي خارج يا پائيدار هجي،

پر اسان واري عمران خان جي دماغ ۾ هڪ ڳالهه ضرور پختي ڄميل آهي ته هي هن ملڪ کي رياست مدينه جي طرز ڏيندو، پوءِ ان جي ڪري هي ڀلي ان سڄي وايومنڊل کي ئي مسمار ڪري يا نيست ۽ نابود ڪري يا صفا بگاڙي ڇڏي، ڇو ته اسان جي معاشري جون پاڙون ايتريون پختيون يا پڪيون ناهن جنهن کي چورڻ يا ڦيرڻ ڪو مشڪل ڪم هجي، مثال جي عرب سڳورن جي ڳالهه وٺون ته هنن دبئي ۾ 80 سيڪڙو ٻاهريون آباديون ۽ ٻاهريون قومون آباد ڪري ان مسلم رياست کي جديد يورپين نما اسلامي رياست ناهي جوڙيو ڇا؟ جو جُميرا (هڪ سامونڊي پٽي يا ساحلي تفريح گاھ جنهن تي پٺيءَ اگهاڙيون مايون ۽ مرد گهمندا وتندا آهن پر ساڳي جاءِ تي عاليشان مسجدون پڻ اڏيل آهن) ساڳي ڪار ئي مديني جا عرب به ڪن ٿا جن 2017 ۾ ”نيوم سٽي“ اڏي دنيا کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي يا دنيا کي خوش ڪري مسلمانن کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي جو اهو شهر 10 ملين جي آباديءَ تي مشتمل هوندو ۽ ان سبب شهزادي محمد بن سلمان کي دبئي جي عربن وانگي وري عربن جو ٻيو بهترين شهر اڏڻ تي وڏو داد ٿو ملي، جيڪو سعوديءَ جي تبوڪ صوبي ۾ واقع آهي،

هي جديد يورپي شهرن نما شهر ڳاڙهي سمنڊ جي اتر ۾، ۽ مصر جي اوڀر ۾، ۽ اسرائيل جي ڏکڻ ۾ واقع آهي، هن شهر جي ڪل ايراضي اٽڪل 27 هزار چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل  آهي، جنهن ۾ دنيا جون سڀ يورپ جي طرز جون آسائشون هونديون، جنهن ۾ مديني جو ڪو به قانون لاڳو نه هوندو، جن ۾ چوريءَ ڪرڻ جي ڪري هٿ ڪپڻ وارو قانون، ٽياس تي ڦاهيون، نه عورتن تي لباس جي ڪا پابندي، نه گهمڻ ڦرڻ تي ڪا بندش، نه محرم ۽ غير محرم جو دٻاءُ معني جيڪا مديني جي رياست اصل ۾ آهي پوءِ اها ڪاڏي ٿي وڃي ۽ اسان جهڙا غير عرب ۽ عجمي ملڪ ڪاڏي ٿا وڃون، جو خان جي سربراهيءَ ۾

گذريل مهيني (نومبر2021) ۾ هڪ ادارو اين آر اي (نيشنل رحمت العالمين اٿارٽي) جوڙيو ويو آهي جنهن جو مکُ مقصد رياست مدينه جوڙڻ ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ به آهي، هن اٿارٽيءَ جو اهم ڪم اهو به هوندو ته اها رياست کي عام ڀلائيءَ واري رياست به ثابت ڪري ڏيکاري، ۽ ملڪ جي نوجوانن کي اسلام تي عمل پيرا به ڪري ڏيکارڻو آهي، ۽ علمي سرگرمين تي به اهو ادارو ڪڙڪو نظر رکندو ايندو ته آيا انهن تعليمي ادارن ۾ قرآن جي تعليم برابر هلي ٿي يا نه، انهن ادارن ۾ اسلامي قانون لاڳو آهن يا نه، انهن تعليمي ادارن ۾ تدريسي معيار ڪهڙا ٿا هلن يا هلايا ٿا وڃن،

هاڻي ان سڄي پس منظر يا پيش منظر مان اهو ضرور واضع آهي اها اٿارٽي رڳو اهو ڪم انهن تعليمي ادارن ۾ هلائي سگهي ٿي جيڪي پهرين ڪنهن نه ڪنهن مسلڪ يا فرقي (سيڪٽ) سان تعلق رکندا هجن، يا اهي پنهنجي طريقي سان پنهنجن مخصوص تعليمي ادارن (مدرسن) ۾ پنهنجن اصولن، ضابطن ۽ قائدن موجب تعليم ڏين ٿا يا نه، پر اها اٿارٽي انهن تعليمي ادارن ۾ ڇا ڪندي جيڪي اڌ انگريز ادارا آهن، جيڪي او ليول، اي ليول يا هائر ايجوڪيشن جا ادارا آهن، يا انگلش ميڊيم اسڪول ۽ ڪاليج يا اهڙا ادارا جيڪي ”فل فليج“ آهن پوءِ اها اٿارٽي ڇا ڪندي؟ يا عمران خان ۽ اٿارٽي رڳو اهو ظاهر ٿي ڪري ته هي به جنرل ضياءَ واري اسلام جي پوئلڳيءَ جي پٺيان آهي جنهن جو مقصد ۽ متن به لڳ ڀلڳ اهڙو يا ملندڙ جلندڙ هيو، پر ان شخص جي موروثيت يا خانداني مذهب پرستي ته زيرو آهي، جو هن جا پنهنجا ٻار ته يورپي ۽ صيهوني ڪلچر جي پيداوار آهن، پر هي ملڪ جي هڙني ٻارن کي رياستِ مدينه جا اصول سيکاريندو جو هن خان تي اسلام جو اهو جز لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي ته دين سڀ کان پهرين پنهنجي گهر کان شروع ڪيو، جو پنهنجن ٻارن کي نماز جي تلقين ڪيو وغيره وغيره،

بهرحال ان بحث ۾ نه ٿا  پئون پر اهو ذڪر اڳتي ٿا وڌايون ان اٿارٽيءَ جو وري اهو به مقصد هوندو ته نوجوانن جي ان ڏس ۾ ”ڪيريڪٽر بلڊنگ“ ڪري معني نوجوانن کي اهو ڏسي ۽ ٻڌائي ته انهن جي مسقبل جون راهون ڪٿي دنگ ڪنديون، يا هي منزلون ۽ رستا ڪيئن هموار ڪري سگهن ٿا، ۽ ڪيئن اهي نوجوان پنهنجي خاص مقصدن ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا ۽ هن ملڪ جو ڀلو ڪيئن ڪري سگهندا، پر خان جي ان ڳالهه تي حيرت ضرور آهي ته هن اهي ڳالهيون ڪيئن سوچي ورتيون جنهن جو لاڀ ڪو دور انديش ناهي يا جنهن مان ملڪ جي نوجوانن کي ڪو فائدو ٿيندو يا جي ٿيندو به ته ڪنهن کي ٿيندو يا آهي اهڙا نوجوان ڪهڙا ۽ سڀاڻي ڪاٿي هوندا؟ سوال مجهائيندڙ ضرور آ جو هي خان هروڀرو جا تنازعا کڙا ڪندو ٿو وتي ۽ ملڪ کي وڌيڪ انارڪي ۽ مذهبي شدت ۾ اڇلائيندو ٿو وڃي.

ڇو ته مديني جي پنهنجي رياست ته پنهنجن قائدن ۽ قانونن کي پاڻ ٿي نندي، ڀلا سعوديءَ ۾ تازو راڳ رنگ (ميوزيڪل ڪنسرٽ) معني دنيا جي سطح تي محفل ڪرائڻ بغاوت نه هئي، يا جي اهي پنهنجن نوجوانن ۽ خاص عورتن کي اهڙي ماحول مان ڪڍي هڪ نيئن دنيا ۾ وٺي ٿا وڃن ته پوءِ اسان پاڻ کي ڪاٿي فٽ ڪيون؟ يا هو به ڏسون ته ”نيوم سٽي“ جنهن شهر جا سسٽم نوان هوندا، آلودگيءَ کان پاڪ هوندو، يا بغير دونهين وارين گاڏين جي ٽيڪنالوجي، بسيون، ٽرينون، اڏندڙ گاڏيون، يا اتي نوان ۽ جديد سسٽم هوندا، پوءِ اها مديني جي ڪهڙي رياست ۽ سياست هوندي جو هي خان وري ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ پورو آهي؟ وري اهڙي اداري کي هن هڪ صدارتي آرڊيننس تحت ٺاهيو آهي (جنهن آرڊيننس ۽ آرٽيڪلن جي ڦيرڦار ۾ هي ماهر آهن) ۽ ان اٿارٽيءَ کي هن اسيمبليءَ جي فلور تان پاس ناهي ڪرايو، جنهن جي لاءِ سوين سوال به اٿي سگهن ٿا ۽ هن جي ايمان جي ڪچائي ۽ پڪائيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پر هن جي زبردست کيل ۾ اها ڳالهه ته ضرور آهي ته هي رڳو آرڊيننس سان ڪم ٿو هلائي جنهن ۾ هن جا ارادا انتهائي خطرناڪ به هوندا آهن جنهن ۾ اهو ضرور هوندو آهي ته هي ايوان، ماڻهن، رياست ۽ مائيڊ سيٽ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو ڇڏي.

يا هن اٿارٽي يا اداري جا سربراھ جيڪي پاڻ انتها درجي جا تڪراري شخص آهن (جن ۾ ڊاڪٽر اعجاز اڪرم ۽ سيد حوسين ناصر جيڪو مصري شهري آهي ۽ جارج واشنگٽن يونيورسٽيءَ ۾ اسلاميات پڙهائيندو آهي) وري ان اٿارٽيءَ جو چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز اڪرم جنهن جا پاڪستان جي لاءِ ويچار ٻڌي ۽ پڙهي حيرت وٺندي ته هي شخص پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام کي صفا خراب ۽ ڪنهن ڪم جو ناهي سمجهندو، ۽ سياستدانن کي ته انتها درجي جو فرسوده، مدي خارج، ڄٽ، ملڪ جي ناموس جي لاءِ خطرناڪ، ڪرپٽ، اڻ ڄاڻ، ڊڄڻو چوندو آهي يا جيڪو پنهنجن تحريرن ۽ تقريرن ۾ پاڪستان جي جمهوريت، ڪيپيٽلسٽ رياستي اپروچ، فيمنزم، يا معاشري کي خراب ترين معاشرو سڏڻ ۾ دير ناهي ڪندو (ڳالهه اها ناهي ته اهي سڀ ڳالهيون لاڳو نه ٿيون ڪري سگهجن پر ان وڏي ليول تي اهڙي ڪنهن شخص جي واتان اهو سڀ ٻڌڻ، ان جي تحريرن ۽ تقريرن مان ملڪ جي بين الاقوامي ناموس کي ڌڪ ۽ ڇيهو ضرور رسندو آهي، ڇو اهڙن ماڻهن کي بين القوامي فورم تي ٻڌو ٿو وڃي، انٽرنيشنل ايڪسپوجر هجڻ جي ڪري اهي ماڻهو سدائين عزت جي نظر سان ڏٺا ويندا آهن ان ڪري پنهنجي ملڪ جي لاءِ اهڙي گٿي طريقي ڳالهائڻ يا رويا رکڻ خطرناڪ ضرور آهي پر خان کي وري اها به شاباس ته هو اهڙا ماڻهو ٿو چونڊي ۽ رڳو مافيائن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هي ملڪ کي ڪنهن اونداهيءَ ۾ ڌڪيندو ٿو وڃي،

يوٽيوب تي رکيل هن شخص جي تقريرن مان اهو به ثابت آهي ته هي شخص جمهوريت کي سخت ناپسند ڪندو آهو ۽ هن جي تقريرن مطابق ته پاڪستاني عوام ۽ پاڪستاني حڪمرانن کي رڳو فوج ئي صحيح ڪري سگهي ٿي، (يا عام راءِ وري اها جڙندي آهي ته جڏهن جمهوريت هجي ته فوجي کپن ۽ جڏهن فوجي هجن ته جمهوريت کپي يا سڄو ڏينهن حڪمرانن کي چور چور چئي وري به چور وقتي ڪرسي تي ويهي ٿا رهن)، پر هن بحٿ جو اصل مقصد ان ڳالهه تي زور ڏيڻ هيو ته خان جي رياست مدينه ۽ مديني جي رياست مدينه ۾ ته واضع فرق ٿو بيهي، جو اهي سڳورا ته اسرائيل کي ”سئوٽ“ چئي سڏيندا آهن ۽ اسان جي ملڪن ۾ ماڻهو ته فرانس ۽ ڊينماڪرڪ جي ڪيل بدتميزيءَ تي ۽ فلسطينين تي ڪيل ظلم تي اٿي کڙا ٿا ٿين ته وري سڀ عرب ملڪ انهن اسرائيلن سان ڪهلو ڪلهي ۾ ملائي ٿا هلن، پوءِ اسان جي رياست مدينه ۾ انهن سڳورن جي رياست مدينه ۾ فرق ڇو آهي يا اهو فرق ائين ئي رهندو، جو اسان سڀ عربن جي ڌرتيءَ تي نميا پيا هونداسين ۽ اهي عرب وري “نيوم سٽيءَ“ ۾ زندگي پيا گذاريندا ۽ مزا وٺندا يا جيئري ئي جنت ۾ هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.