فارمولا سياست جون ڳالهيون ۽ آصف زرداري جي دعويٰ

تحرير؛ حاڪم نصيراڻي

سياست هڪ اهڙي راند آھي جنهن جا ظاهري کلاڙي هڪڙا هوندا آھن ته وري باطن ۾ وري ٻيا کلاڙي راند ڪندي محسوس ڪيا ويندا آھن جيڪي پردي پويان رهي سڄي راند جا اصول ٺاهيندا ۽ تبديل ڪندا رهندا آھن۔ ڪڏهن راند ۾ جدت آڻجي ڪڏهن آھستي کيڏجي، ڪڏهن اٽيڪ ڪجي، ڪڏهن دفاعي پوزيشن وٺجي اهو سڀ ڪجھه پٺتي ويٺل کلاڙي ئي ٻڌائيندا آھن ڇو ته اصل راند انهن ئي کلاڙين جي ئي رچايل هوندي آھي۔ ڪڏهن ڪهڙي کلاڙي کي ڪهڙي پوزيشن تي ڪهڙي انداز سان کيڏائجي ۽ ڪنهن کي آرام ڪرائجي ان جو فيصلو به اهي لڪل کلاڙي ڪندا آھن۔

ان ڳالھه جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل ڪجھه ڏينهن کان وٺي پاڪستان ۾ سياسي ميدان جون رونقون بحال ڪيون ويون آھن۔ نوابشاهه جي شھزادي کان فامولا گهريا ويا آھن ته خيبر پختونخواه ۾ مولوي هٿان مضبوط کيلاڙي کي ڪلين بولڊ ڪيو ويو آھي مٿان وري لنڊن ۾ سياسي تڙڪو به هنيو پيو وڃي۔ لنڊن ۾ سياستدانن ۽ ڪجهھ پرده نشينن جي ملاقاتن جو ذڪر هر ڪنهن جي زبان تي جاري و ساري آھي۔ خاص طور تي پنجاب جي اڳوڻي گورنر، سياسي توڙي مالي طور تي ڏکڻ پنجاب جي تمام سگهاري شخصيت ۽ جهانگير ترين جي ويجهي دوست مخدوم احمد محمود جي نواز شريف سان ملاقات جو ذڪر ڪيو پيو وڃي۔ان سان گڏ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي مسڪرائڻ واري بيان  ڄڻ ته سڄي سياسي ماحول کي گرمائي ڇڏيو۔

ان سڄي صورت حال کي ڏسندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تپندڙ لوھ تي اکيون بند ڪري هٿوڙو هڻندي چيو ته مان ان وقت ڪرشماتي فارمولو ڏيندس جڏهن اوهان خان صاحب کان هٿ پٽي کيس گهر موڪليو۔ هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته زرداري صاحب کان واقعي ڪو فارمولو گهريو ويو آھي يا زرداري صاحب پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاء اهڙو بيان ڏنو؟ اسلام آباد جي ٿڌين يخ هوائن ۾ اهو چؤٻول گردش ڪري پيو ته زرداري صاحب ائين هوا ۾ تير هلائي ڇڏيو. اصل "فارمولو”گهرڻ وارن جون فارمولي لاءِ ڳالهيون نواز شريف سان هلن پيون۔ پ پ پ صرف پنهنجي سياسي موجودگي ڏيکارڻ ۽ تحريڪ انصاف مان امڪاني طور اڏام کائي رستا جدا ڪندڙ ماڻھن کي پنهنجي ڇٽي هيٺان آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ لاهور توڙي اسلام آباد ۾ خيما کوڙڻ جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن۔

هن وقت جي سياسي صورتحال جو جائزو وٺون ته واقعي چند ماڻھن کان سواءِ حڪومت جي پاليسين جي دفاع لاءِ ڪو وڏو نالو ميدان ۾ موجود ناهي۔ شايد اهي سمجهي ويا ته مهانگائي بد انتظامي ڪري تحريڪ انصاف ۾ سندن مستقبل اونداهو آھي سو اجائي دفاع کان خاموشي بهتر آھي۔ شھباز گل فواد چوڌري ۽ فيصل  واوڊا کان سواءِ ڪو وڏو نالو پ پ پ توڙي نوازليگ خلاف ڳالهائيندي نظر نه ٿو اچي۔ شيخ رشيد جهڙو ماڻھو جيڪو عمران خان کي سياسي امام سمجهندو هو اهو ان سڄي منظرنامي تان غائب لڳو پيو آھي ڇو ته سمجهڻ وارا سمجهن ٿا ته هروڀرو زبان وڏي ڪري پنهنجي اهميت ڇو گهٽايون ائين نه ٿئي جو اڄ جي دراز زباني ڪٿي سندن لاء مصيبتون نه کڙيون ڪري؟

معتبر سياسي حلقن ۾ اها ڳالھ گردش ڪري پئي ته اصل کلاڙين جون ڳالهيون نوازليگ سان ڪاميابي جي بلڪل ويجهو پهتيون آھن بس صرف هڪ ٻئي تي اعتماد لاءِ ضامن جي ضرورت آھي۔ نوازليگ سمجهي ٿي ته هڪ وقت ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيل آھن ملڪ ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري چڪو آھي۔ حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن مطابق مني بجيٽ جون تياريون ڪري پئي جيڪڏهن ان صورت ۾ ڪا سياسي اٿل پٿل ڪئي وئي ته اهو ٽڪو نوازليگ جي کاتي لڳي ويندو ان ڪري وقت جو انتظار به ڪيو پيو وڃي۔

خيبر پختونخواه ۾ شڪست کان پوءِ تحريڪ انصاف جو جيڪو هنگامي اجلاس ٿيو ان ۾ عمران خان کان نوازليگ سان ٿيندڙ امڪاني ڊيل بابت سوال ڪيا ويا۔عمران خان پنهنجي وزيرن ۽ مشيرن کي خاص هدايتون ڏنيون ته نواز شريف خلاف ڪو موقعو هٿان نه وڃائجو بس سندرو ٻڌي عدالتي فيصلن جا حوالا ڏيئي کيس پريشان ڪندا رهو پر هاڻي عمران خان کي ڪير سمجهائي ته خان صاحب جنهن راند جي ميدان جا اوهان ٽن سالن کان مزا پيا وٺو نواز شريف ساڳي پچ تي ڪيترا ئي سال راند کيڏي چڪو آھي۔ مشرف جهڙي آمر جي دور ۾ ان ساڳي نواز شريف کي جهاز اغوا ڪرڻ جي جرم ۾ سزا ڏيئي جيل ۾ وڌو ويو هو ۽ بعد ۾ سڄي ڪٽنب کي ڀلي پار ڏانهن موڪليو ويو پر آخر ۾ نتيجو ڇا نڪتو ساڳي مجرم جي سزا ختم ڪري کيس وزيراعظم به بڻايو ويو۔

هاڻي به ساڳي راند لاءِ ميدان سجايو پيو وڃي لاهور جو ڊي جي نيب تبديل ٿي ويو آھي۔ سياسي کلاڙين جي داءِ پيچن کي ڏسندي ائين محسوس ٿئي پيو ته مستقبل قريب ۾ نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان لاءِ ماحول سازگار ٿيندو پيو وڃي۔ سياسي طور تي سياست بابت ڪا حتمي راءِ جوڙي به نٿا سگهون ڇو ته راءِ جوڙڻ تائين سياسي حالتون تيزي سان تبديل ٿي وڃن ٿيون۔ سڀ تجزيا ۽ رايا بيڪار ٿيو وڃن۔ هاڻي ڏسجي ته واقعي باطن وارا کلاڙي ظاهري کلاڙي کي ڪنهنجي هٿان مات ڏيارن ٿا يا ائين سڀني کي پراڻي پگهار تي هلائيندا رهندا۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.