هوسڙي ويجهو عورت جو مبينا آپگهات، قتل جو شڪ، احتجاج

ھوسڙي (ن ع آ)ھوسڙي  لڳ ڳوٺ اويس شيخ مان اٺ سال اڳ پرڻيل چار ٻارن جي ماءُ 28 سالا عورت نالي نانوڙي زال رامسن ڪولھي شاھ ڪريم ٿاڻي جي حد ڪپور موري تي گھرو پريشانين سبب پنهنجي ئي گھر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. قتل جو الزام ھڻندي فوتي عورت نانوڙي جي والد والجي ڪولھي ۽ ڀاءُ راموڪولھي احتجاج ڪندي چيو ته ناٺي رامسن ڪولھي جي اطلاع تي شاھ ڪريم ڀرسان ڪپور موري تي پھتاسين جتي اسان کي ٻڌايو ويو ته توهان جي ڇوڪري گھرو پريشانين سبب گھر جي ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي خدڪشي ڪري  ڇڏي آهي. جنهن کانپوءِ پوليس جي  موجودگي ۾ عورت جي لاش کي ٽنڊو محمد خان جي سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ کڻي آياسين جتي ابتدائي رپوٽ ڏيندي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن چيو ته عورت کي فوت ٿيندي ٻارهن ڪلاڪن کان مٿي ٽائيم گزري ويو آھي. ھنن چيو ته اسان جي ناٺي رامسن ڪولھي اسان کي چيو ته خدڪشي ڪندي  ٻه ڪلاڪ مس  ٿيا آھن پر پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن ھن جي ڪوڙ تان پردو کڻندي 12 ڪلاڪ پھرين جي خدڪشي جو ٻڌايو آهي جنهن مان صاف ظاھر ٿو ٿيئي ته اسان جي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آھي جنهن جي ڪري اسين پنهنجي نياڻي جو لاش ھوسڙي  لڳ ڳوٺ اويس شيخ ۾ کڻي آيا آھيون.ھنن آئي جي سنڌ .وڏي وزير مراد علي شاھ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته خدڪشي ڄاڻايل قتل جي جانچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.