ڪراچي ۾ 40 سالن بعد ماس ٽرانزٽ سسٽم فعال، گرين بس هلڻ شروع

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي وارن جو ڊگهو انتظار ختم ٿيڻ کان پوءِ گرين لائن بس منصوبي جي شروعات ٿي وئي آهي، 10 جنوري کان مڪمل آپريشنز بحال ٿيندو. سرجاني ٽائون کان نمائش تائين 21 ڪلو ميٽر روٽ تي بسون هلايون پيون وڃن، شروعاتي طور تي محدود پيماني تي بسون هلايون وينديون، 80 بسن مان 25 بسون 11 اسٽيشنز تي هلايون وينديون، 10 جنوري کان مڪمل آپريشنز بحال ڪيا ويندا. ڀاڙو 15 کان 55 روپيه هوندو. ٽڪيٽ جي لاءِ ڪيش ڪائونٽرز ٺاهيا ويا آهن. ٽڪيٽ جي لاءِ ريچارج ايبل ڪارڊز به دستياب هوندا، 18 ميٽر ڊگهين بسن ۾ 40 سيٽون آهن. بس ۾ 150 مسافر سفر ڪري سگهندا. وڌيڪ رش ٿيڻ ڪري 190 مسافرن جي گنجائش هوندي. بسن ۾ معذور ماڻهن جي خاص جڳهه آهي ۽ خودڪار ريمپ لڳل آهي. هر بس ۾ ٻن وهيل چيئرز جي جڳهه مخصوص آهي. ٻي طرف گورنر عمران اسماعيل بس جو دورو ڪري سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀاڙي وارو ڪارڊ مونجهارا پيدا ڪري رهيو آهي، موبائيل ڪارڊ وانگر چارج ٿيندو، بس جو ڀاڙو 15 رپين کان 55 رپين تائين ئي رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.