اسلام آباد ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو، اين آءِ ايڇ جي ذريعن موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾  اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ ڪنٽيڪٽ ٽريسنگ جو عمل جاري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي شهري ۾ اومي ڪرون ڪيس جي تصديق ٿي آهي ۽ مريض جي پرڏيهي ملڪن جي ڪابه ٽريول هسٽري نه آهي. ذريعن موجب اومي ڪرون جي مريض جي صرف ڪراچي جي ٽريول هسٽري آهي ۽ مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جي پهرين ڪيس جي تصديق 13 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿي هئي جتي هڪ عورت وائرس مان متاثر ٿي هئي جيڪا نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ کان پوءِ صحتياب ٿي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.