وزيراعظم کي نواز جي واپسي جو اشارو ڪٿان مليو؟ ڪائره

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره سوال اٿاريندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان واضح ڪري ته کيس نوازشريف جي واپسي جو اشارو ڪٿان مليو؟ نوازشريف جي سزا بابت وزيراعظم جي بيان تي ردعمل ڏيندي هن  چيو ته وزيراعظم چيو آهي ته نوازشريف جي واپسي لاءِ رستا ٺاهيا پيا وڃن ته هن وٽ ڪي دليل ۽ ثبوت هوندا، هن چيو ته پ پ ڪي پي ۾ سٺو ووٽ کنيو آهي، مولانا فضل الرحمان کي طالبان جي اڀرندڙ صورتحال سبب حمايت حاصل هئي،پشتون قومپرستن جي به مولانا کي حمايت حاصل هئي، مولانا کي ووٽ ملڻ جو مطلب اهو ناهي ته ڪا ڊيل جي ڳالهه هلي رهي آهي، پ پ بيڪ ڊور رابطن تي نٿي هلي، بيڪ ڊور رابطن وارا سڀ اسان جي خلاف وڃي ملندا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.