قومي وحدتن جون ٻوليون ۽ ثقافت چٿڻ بدران تسليم ڪئي وڃي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي منعقد ڪيل 5 ڏينهن وارو ستون اياز ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، آخري ڏهاڙي تي مختلف موضوعن تي فڪري ويهڪون ٿيون، دانشورن اديبن،  شاعرن ۽ ليکڪن چيو ته پاڪستان گهڻ قومي ملڪ آهي، جنهن کي ڏاڍ ۽ جبر جي بنياد تي هلائي نٿو سگهجي، پاڪستان جي قومي وحدتن جي ٻولين ۽ ثقافت کي چٿڻ بدران تسليم ڪيو وڃي، ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب مڙهڻ جي ڪوشش ون يونٽ مڙهڻ جهڙو عمل آهي، جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، ان سلسلي ۾ “مقامي، قومي ادب، ڪلچر جي بيانيي جو تضاد” جي عنوان تي ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي ماڊريٽر عرفانه ملاح هئي. ان موقعي تي اردو ادب جي نامياري ليکڪ جميل احمد چيو ته ڪلچر هنرمندن، هارين ۽ هيٺين طبقي مان جنم وٺي ٿو، مهاورن جي ٻولي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن مان ملي ٿي، يونيورسٽين ۾ استادن ٻولين جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ففٿ جنريشن وار ڪجهه به ناهي، اردو ۾ شاعري ڪندڙ شاعرن شاعري کانسواءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي، انهن شاعرن شاعري ڪندي ڪندي ملڪ هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پشتون ادب ۽ ثقافت تي لکندڙ سرتاج خان چيو ته سنڌو درياهه سان ڪلچر کي جوڙيو وڃي ته اهو اسڪردو ۽ هنزه کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ٺٽي تائين اچي ٿو، جي ايم سيد موجب حڪمران طبقي اردو ۽ مذهب ۾ پناهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جي ايم سيد جو موقف هو ته سنڌي ڪلچر سنڌو درياهه مان جنم وٺي ٿو، ان ذريعي سمورن ماڻهن کي پاڻ ۾ جوڙي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ڏاڍي ڏکيائي سان ٻه اخبارون شايع ٿين ٿيون، 18 هين ترميم کي ايڏو وڏو نه سمجهجي ته ان سڀئي صوبائي حق ڏئي ڇڏيا آهن، اڃا صوبائي خودمختياري خواب ئي بڻيل آهي. نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته پاڪستان ٺهڻ بعد رياست جيڪو پنهنجو نقطه نظر رکيو آهي، ان تي سخت اعتراض آهن. هن چيو ته ساڄي ڌر جڏهن لطيف کي يرغمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائين جي ايم سيد پيغام لطيف لکي ان بيانيي کي رد ڪيو، رياست جو جوڙيل بيانيو ۽ شڪليون سماج تي مڙهيون ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ڪيترن ئي حوالن سان ناڪام رياست سمجهيو وڃي ٿو، ان جو سبب نام نهاد قومي بياني تي ٻڌل قومي سفر تاريخ جي ابتڙ ۽ جاهلاڻو آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان کي جمهوري رياست تسليم نٿو ڪيو وڃي، فاشسٽ ٽولا هجوم ملڪ کي يرغمال ڪيو ويٺا آهن، سنڌ جي ادب ۽ فڪري تحريڪ جو ڪمال آهي جو اڄ به اقبال اسان جو قومي شاعر ناهي ٿي سگهيو، سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڪمزوريون هونديون پر ڪجهه تاريخ جون حقيقتون به آهن، سنڌ جي سماج ڪنهن به غاصب کي زمين تي پير کوڙڻ ناهن ڏنا، هن چيو ته  گهڻ قومي ملڪ ۾ هڪ نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ وڌيڪ ناڪام بيانيو کڻي اچڻ آهي، اها خطرناڪ راند آهي، ملڪ جو رهيل نور به ختم ڪندي، هن چيو ته هندستان جي منارٽي جا ڪوڙا هيرو مڙهيا ويا آهن، اسان کي ڌرتي جا اصل سيڪيولر هيرو کپن انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته هڪ خاص سوچ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اها ڪوشش ڪئي ته اصلي سڃاڻپ رکندڙن قومن کي مليا ميٽ ڪري هڪ قومي ڪلچر ۾ تبديل ڪيو وڃي، پاڪستان جو اڌ حصو اوڀر پاڪستان به ان ڳالهه جي ڪري الڳ ٿي ويو، هن چيو ته سنڌي ٻولي پنهنجو وجود قائم رکيو آهي پر جديد زماني ۾ ٻولي کي خطرو ضرور آهي. هن چيو ته سنڌي ٻولي اٿارٽي جهڙا ادارا قائم ٿيڻ سنڌي ماڻهن جي جدوجهد آهي. هن چيو ته شيخ اياز کي ملڪ جي قومي شاعر طور تسليم ڪيو وڃي ٿو.

  • سنڌ جي نصاب ۾ ملالا، عبدالسلام، اديب رضوي کي شامل ڪيو آهي:رياض شيخ

حيدرآباد؛ اياز ميلي ۾ “واحد قومي نصاب جو تنقيدي جائزو” جي عنوان هيٺ ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي ماڊريٽر زڪيا اعجاز هئي. ان موقعي تي تيمور رحمان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت فلاحي رياست جو واعدو ڪندي تعليم ۽ صحت کي بهتر ڪرڻ جو چيو هو، پر موجودا  وفاقي حڪومت اهو ڪم نه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ 25 ملين ٻار تعليم کان محروم آهن پاڪستان ۾ تعليمي نظام مڪمل طبقاتي نظام تي ٻڌل آهي ان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم صوبائي سبجيڪٽ آهي ان ۾ مداخلت ڪئي وئي آهي،پروفيسر ناظر محمود چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن مٿان وفاق پاران پنهنجو تعليمي نصاب مڙهڻ غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ته سنڌ وفاق جو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جو انڪار ڪيو آهي، هن چيو ته  پنجاب ۾ اسڪولن کي مدرسن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هي حڪومت هڪ ملين مذهبي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿيهن چيو ته اسان جي نصاب مان اسان جا اصل هيروز ڇو گم ڪيا ويا آهن؟، پروفيسر رياض شيخ چيو ته هڪ جهڙو نصاب آڻڻ جي لاءِ پي ٽي آئي مهري طور اڳيان آهي اصل ڪردار ان جي پٺيان ڪو ٻيو آهي، هڪ ته 18 هين ترميم هنن کي ڪکي ٿي، ان ڪري هو هڪ جهڙو نصاب آڻي 18 هين ترميم جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ سنڌ کانپوءِ اهو واحد صوبو ڪي پي ڪي هو جنهن پنهنجو نصاب ٻيهر ترتيب پئي ڏنو ڇو ته اتي اي اين پي جي حڪومت هئي. هن چيو ته اسان سنڌ جي نصاب ۾ نه صرف ملالا کي شامل ڪيو آهي پر جرئت ڪري عبدالسلام کي به شامل ڪيو آهي، اسان حيدر بخش جتوئي، ڊاڪٽر اديب رضوي کي شامل ڪري چڪا آهيون، ڳالهه اڳتي وڌندي ته اسان مائي بختاور کي به شامل ڪنداسين، اسان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽنداسين، ڀلي وفاق پنهنجا طريقا استعمال ڪري،هن چيو ته نصاب کي سيڪيولر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته رياست سيڪيولر هجڻ گهرجي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ ملالا ۽ اقبال مسيح به آهي. هن چيو ته موجودا وفاقي حڪومت چاهي ٿي هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪري سٺو طالبان پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته وفاقي سطح تي نصاب ترتيب ڏيڻ واري ڪم ۾ رٽائرڊ جرنلن ۽ مذهبي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي. پروفيسر عرفانه ملاح چيو ته 47ع کان جيڪي تعليمي پاليسيون رهيون آهن ان ۾ واضح انداز ۾ مذهب کي بنياد بڻايو ويو آهي، اهو شڪر آهي ته اسان وٽ اڃا سنگل نصاب لاڳو نه ٿيو آهي، ان نصاب جا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ٿي نه پهتا آهن، ان نصاب ۾ هاڻ ڇوڪري جي لاءِ ابايو پائڻ ڄاڻايو ويو آهي، نصاب ۾ جتي به ڇوڪرين جون تصويرون آهن اهي واضح ناهن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران چوي ٿو ته انگريزي تباهي جو سبب آهي ته پوءِ سنڌ ۾ سنڌي، پنجاب ۾ پنجابي، ڪي پي ڪي ۾ پشتو ۽ بلوچستان ۾ بلوچي ۾ تعليم ڏني وڃي، هن چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي نصاب خلاف جهنڊو کڻي نه بيٺي آهي، اهو ڪم سنڌ جي ماڻهن جو ڪم آهي ته اهي ان نصاب خلاف مزاحمت ڪن نه ته اهڙو نصاب سنڌ ۾ اچي ويندو.

  • تيمور رحمان، شمعون ٻائي، رفيق فقير ۽ ٻين پاران سُرن جي ورکا

حيدرآباد؛ اياز ميلي ۾ جامي چانڊيو شيخ اياز جي  شاعري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر محمود مغل شيخ اياز جي تحت الفظ شاعري پڙهي ٻڌائي. اياز ميلي جي محفل اياز ۾ ناميارن فنڪارن تيمور رحمان، شمعون ٻائي، رفيق فقير، نزاڪت علي، شاهينه چنگ نواز، شوڪت فقير، آغا ثناءُ الله، ڀڳڙو مل ناچيز، مظهر حسين ۽ ٻين راڳين سرن جي ورکا ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، عبدالله شهنائي نواز شهنائي تي سر وکيريا، جڏهن ته ڪٿڪ رقاصا شائمه سيد رقص جي فن جو مظاهرو ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو.

  • نوجواني ۾ ڪيل شاعري ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جو عنصر شامل آهي: تنوير انجم

حيدرآباد؛ اردو ادب جي نامياري شاعره تنوير انجم جي  شاعري جي ڪتاب“نئين زبان جا حرف” جي مهورت ڪئي وئي، جنهن جو ماڊريٽر ڪاشف رضا هو. ان موقعي تي ڪتاب جي ليکڪه تنوير انجم ڳالهائيندي چيو ته مون غزل ۽ نظم به لکيا آهن، منهنجي نوجواني واري دور ۾ ڪيل شاعري ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جو عنصر نظر اچي ٿو، پر اهو عنصر اڳتي هلي شعور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ان موقعي تي نامياري ليکڪه نور الهدي شاهه چيو ته هڪڙي شاعري اها به ٿئي ٿي جنهن ۾ نرگيسيت پيدا ٿيندي آهي، ان ڪري ان جي آڏو شعور جا بند ٻڌڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته لاشعور وٽان هر شاعر گذري ٿو، پر شعور جو رستو گهٽ شاعر هٿ ۾ کڻندا آهن، جڏهن ته  ميلي جي آخر ۾ اردو ادب جي نامياري ليکڪ اصغر نديم سيد جي ڪتاب “دشت امڪان” جو مهورت پڻ ڪيو ويو، ڪتاب تي اصغر نديم سيد آن لائين ڳالهه ٻولهه ڪئي.

  • خوف کان ٻاهر نڪري خاموشي ٽوڙڻي پوندي: ثمينه نظير

حيدرآباد؛ اياز ميلي ۾ “ڏات جو ڏڪارحقيقت مفروضو” جي عنوان هيٺ ٿيل ويھڪ جو مارڊيٽر اظهر نوناري ھو. ويهڪ ۾ ناول نگار ڪاشف رضا چيو ته ليکڪ کي ڪردار ڀرتي نه ڪرڻ گھرجن. ھن چيو ته اديب کي آزادي ملڻ گھرجي، ناول ۾ نئين شي تخليق ڪئي وڃي. ثمينه نظير چيو ته ليکڪ ھڪ درزي آھي، اسان شيون تخليق ڪيون پيا، مسنگ پرسن تي لکيو آھي، ٿيٽر به پيش ڪيا آھن. ھن چيو ته چپ کي ٽوڙڻو پوندو، خوف کان ٻاھر نڪرڻو پوندو، جنھن کان اوھان ڊڄو ٿا پوءِ اھي ڊڄندا. ليکڪه شبنم گل چيو ته  ليکڪ هڪ ليکڪ ئي ھوندو آھي اهو واپاري ناھي، جنھن کي ڪا ڊائريڪشن ڏجي. ليکڪ ڪليم ٻٽ چيو ته ادب ۾ آرٽ جو وڏو عمل دخل ھوندو آھي. ممتاز بخاري چيو ته ھر ليکڪ وٽ ڏات ھوندي آھي، ھر ماڻھو جي پنھنجي تخليق ھوندي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.