هر سال گئس ذخيرا گهٽجڻ جي دعويٰ رد، وفاق ٻڌائي گئس ڪيڏانهن پئي وڃي: سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽر )سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت جي گئس جي قدرتي ذخيرن ۾ هر سال گهٽتائي واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو. يونيورسٽيز ۽ ماحوليات واري وزير اسماعيل راھو وڌيڪ چوڻ ھو ته گهٽتائي ذخيرن ۾ نه پر عمران  حڪومت جي اهليت ۾ آهي، سنڌ بلوچستان ۾ گئس جي قدرتي ذخيرن ۾ ڪابه کوٽ ناهي، وفاقي حڪومت ڪوڙ پئي ڳالهائي،گيس جي قدرتي زخيرن ۾ پهريان ڇونه هئي جو اوهان جي حڪومت ۾ ٿي رهي آهي؟. اسماعيل راهو چيو ته وزيراعظم گيس لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي، سنڌ کي بغير لوڊ شيڊنگ جي گئس فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ستر سيڪڙو گيس پيدا ڪندڙ سنڌ صوبي جي عوام وفاقي نااهلي سبب ڇَيڻَن تي کاڌو پچائڻ تي مجبور آهي، آئين جو آرٽيڪل 158 چوي ٿو جنهن صوبي مان گئس نڪري ٿي پهريان انجو حق آهي، عمران حڪومت ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ گئس بحران پيدا ڪري ايل اين جي مافياز جو ساٿ ڏئي پئي،ڇَيڻَنِ جو دُونهَون ماحوليات لاءِ نقصانڪار آهي، سنڌ جي حصي جي گئس ٻين صوبن کي ڏيڻ  ظلم آهي. ھن چيو ته سنڌ پهريان ئي پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيلٽا بدحالي سبب موسمياتي تبديلي جو شڪار ٿي رهي آهي، ھاڻ ته حڪومتي وزير به گئس بحران تي پنھنجي حڪومت خلاف احتجاج پياڪن، سنڌ جي گئس سنڌ ميسر ناهي سنڌ جي عوام سان ان کان وڌيڪ اڃا ڪهڙو ظلم هوندو؟، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ گيس بحران تي خاموش آهن، وزارتن جي لالچ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه نه پياڪن. صوبائي وزير چيو ته صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي گيس نه پئي ملي ٻڌايو وڃي ته گيس وڃي ڪيڏانهن پئي؟.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.