پنجاب ۾ 9 ،سنڌ،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ 7 نوان صوبا ٺهڻ گهرجن: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي ويراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پنجاب جا 9 ،سنڌ،ڪي پي  ۽ بلوچستان جا 7 صوبا ٺهڻ گهرجن،اها منهنجي ذاتي راءِ آهي، پارٽي سان ان جو ڪو به تعلق ناهي،  مڪاني چونڊ نه حڪومت چاهي ٿي نه اپوزيشن چاهي ٿي،ايندڙ جيڪا به حڪومت ايندي اها موجوده مڪاني نظام ختم ڪري ڇڏيندي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته وفاق کان صوبن کي پئسا ملي رهيا آهن، صوبن جا خرچ وڌي ويا آهن ،وفاقي سرڪار قرض کڻي رهي آهي، ارڙهين ترميم ۾ گهڻا اختيار وفاق کان صوبن  کي مليا آهن، هن وقت وفاق آمدني 12 هزار ارب به ٿي وڃي صوبن جي ذميواري وڌائڻ جي ضرورت آهي، صوبن پنهنجي آمدني ناهي وڌائي،انهن رڳو پنهنجي فائدي وارين شين مان فائدو کنيو،وفاق تي بار وڌيو آهي، گئس جي ملڪيت صوبن وٽ آهي، مون سي سي آءِ اجلاس ۾ چيو هو ته گئس صوبن جي آهي، اريين رپين جي گئس روزاني ضايع ٿئي ٿي، هڪ وڏي وزير کي مون چيو ته گئس توهان وٽ آئي ته 6 هفتن ۾ توهان جي صوبي جو ڏيوالو نڪري ويندو،  هن چيو ته وطن واپسي جو فيصلو نوازشريف پاڻ ڪندو، گهرو وزارت اسلام آباد تائين محدود ٿي وئي آهي، هن چيو ته انڊيا ۽ افغانستان ۾ نوان صوبا ٺاهيا ويا، نوان صوبا ٺهڻ سان پنجاب تي الزام بازي جو سلسلو بند ٿي ويندو، پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻا پوندا، هن چيو ته ملڪي مسئلن جو حل ئي عام چونڊن ۾ آهي، هي نظام نٿو هلي سگهي، هن چيو ته ڪجهه فيصلا اهڙا آهن جيڪي ججن ناهن لکيا، ججن کي دٻاءُ ۾ آڻي فيصلا ورتا ويا، پاڪستان ۾ هڪ طبقو حقيقي معنيٰ ۾ سياستدان آهي، 50 سالن کانپوءِ اسان کي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي،30 کان وڌيڪ نوان صوبا بڻجڻ گهرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.