ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي کان گئس جي فراهمي ۾ بهتري جي اميد

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي کان گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ بهتري جي اميد آهي. ان حوالي سان ايم ڊي سوئي سدرن گئس ڪمپني چيو آهي ته صنعتن کي هفتيوار 36 ڪلاڪ گئس استعمال نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن گهريلو صارفين جي گئس جو پريشر بهتر ٿي سگهي، هن چيو ته ان پلان تي سومر کان ڪم شروع ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ گئس جي کوٽ 50 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندي، واضح رهي ته وفاقي وزير حماد اظهر گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ ڪراچي ۾ گئس بحران جي ذميواري وٺڻ کان انڪار ڪندي سمورو ملبو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي مٿان وجهي ڇڏيو هو، ٻئي طرف ڪراچي ۾ گئس جي بحران تي شهر سان تعلق رکندڙ تحريڪ انصاف جي ٽن اسيمبلي ميمبرن حماد اظهر تي تنقيد ڪندي کيس هٽائڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.