”ڪارونجهر بچايو“: ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري ۾ ريليون ۽ ڌرڻا، مزاحمت جو اعلان

مٺي/ڇاڇرو(رپورٽ: غازي بجير/يعقوب بجير) سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف ٿرواسي مسلسل سراپاءُ احتجاج بڻيل  آهن،  ڪالهه ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، ان سلسلي ۾ سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران ننگرپارڪر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ريلي عوامي هائوس ننگرپارڪر کان شروع ٿي ۽ شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي مسڪين جهان خان کوسو چوڪ تي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويئي، جتي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر اوڀايو جوڻيجو، عوامي تحريڪ جي اڳوڻ ۽ قومي راڳي ديال صحرائي، وڪيل ديوت راءِ، مگهنو ڪولهي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل، عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ رمضان، ڪارونجهر فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو، هنن چيو ته ڪارونجهر جبل اسانجي تهذيب ۽ ثقافت جو اهڃاڻ آهي، هن ۾ هزارين سالن کان مذهبي ۽ ثقافتي ماڳ واقع آهن، هن جبل مان وهندڙ پاڻي جي وهڪرن مان پاڻي پي سوين ڳوٺ زندگي بسر ڪندا آهن، هزارين ناياب جانور ۽ ٻوٽا  ڪارونجهر جي ڪري محفوظ آهن، حڪمران سازش تحت هي ثقافتي ماڊل وڪڻي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ چاهن ٿا، انهن سڀني کان زندگي نه کسي وڃي، ڪارونجهر  جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ پهرئين ڏينهن کان وٺي ڪارونجهر جي ڪٽائي جي مخالفت ڪئي آهي هتي جي چونڊيل نمائيندن جي خاموشي اِهو ظاهر ڪري ٿي ته اهي وفاق سان مليل آهن، ڪارونجهر جي سودي ۾ انهن جي ڀيڙ آهي قومون پنهنجا ثقافتي ورثا سنوارينديون ۽ سنڀالينديون آهن پر هتي اسانجي زوري ٿاڦيل حڪمران مال ۽ ڪرسي خاطر ڪا به مقدس شي وڪرو ڪندي دير ئي نه ٿا ڪن، هنن وڌيڪ چيو ته حڪمران طبقو فوري طور تي ڪارونجهر جي ڪٽائي کي بند ڪرائي ۽ ڪارونجهر کي نشنل پارڪ جو درجو ڏنو آهي، هوڏانهن ڇاڇرو ۾ ٿر سجاڳ سٿ، سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سوين ماڻهن پاران ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مين چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جتي وڪيل امرت ڪمار، وڪيل جسٽل ميگهواڙ، وحيد راهمون، غلام سرور سميجو، بائيخان ڪنڀار، اقبال تبسم، غلام علي راهمون، پير بخش راهمون، منٺار منڱريو ۽ ٻين  چيو ته ڪارونجهر اسان ٿر واسين لاءِ غيرت جي علامت آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان سرمائيدار  سرڪار سان ملي ڀڳت ڪري ليزون حاصل ڪري قيمتي پٿر کڻي رهيا آهن، جنهن سان جبل جون تاريخي ٽڪريون ختم ٿي رهيون آهي، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل مقامي سياسي ماڻهون ڪٽائي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن پوءِ آخرڪار ڪير آهن جيڪي ٿر جي سڃاڻپ کي ميسارڻ گهرن ٿا؟ هنن چيو ته ڪارونجهر ثقافتي ۽ قديمي اهڃاڻ آهي جنهن سان اسان جو فطري لڳاءُ آهي، پر وقت جا حڪمران اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي ڪميشن عيوض ڪارونجهر جو سودو ڪري رهيا آهن، جيڪو کين مهانگو پوندو، اسان تيستائين احتجاج جاري رکنداسين جيستائين ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ جاري سموريون ليزون رد نٿيون ڪيون وڃن.

  • قاسم سومري فريال ٽالپر سان گڏجي ڪارونجهر جو سودو ڪيو: حليم عادل

مٺي: ننگرپارڪر جي پ پ ايم پي قاسم سومري فريال ٽالپر سان گڏجي ڪارونجهر جو سودو ڪيو، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم  عادل شيخ پاران معاملو وزيراعظم تائين پهچائڻ ۽ اسيمبلي ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اسان پ پ حڪومت کي ڪارو ڪاروبار ڪرڻ نه ڏينداسين، ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف جلد تحريڪ جو آغاز ڪبو، هن چيو ته ننگرپارڪر جي پ پ ايم پي اي قاسم سومرو فريال ٽالپر کي وٺي اچي ڪارونجهر جو سودو ڪيو آهي، جيڪو سودو کيس مهانگو پوندو، قاسم سومرو ڪجھه مهينا اڳ ۾ فريال ٽالپر کي ٻن ڏينهن جي دوري تي ننگرپارڪر رهايو هو، جنهن بعد هن ڄاڻايل هنڌ به وزٽ ڪرايا، ڪارونجهر جو سودو ڪرائڻ ۾ فريال ٽالپر ملوث آهي ۽ قاسم سومرو سهولتڪار بڻيو آهي، ننگر جي عوام پنهنجن ۽ پراون کي هاڻي سُڃاڻي، جنهن کي عوام ووٽ ڏنا اُهو ڪارونجهر وڪرو ڪرائي رهيو آهي، ”عوامي آواز“  سان فون تي ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي، اسين وفاقي حڪومت سان ڳالهائي ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيارينداسين، هن چيو ته جلد سنڌ اسيمبلي ۾ ڪارونجهر اشوز تي احتجاج ڪنداسين.

  • اڄ مٺي ۾ ”ڪارونجھر ڪانفرنس“، جبل جي ڪٽائي خلاف سگهاري تحريڪ جو باضابطا اعلان متوقع

مٺي: ٿر سُجاڳ سٿ پاران اڄ 26 ڊسمبر آچر جي ڏينهن ”ڪارونجھر ڪانفرنس“ پارڪر گيسٽ هائوس بس ٽرمينل مٺي تي ڪوٺائي ويئي آھي، جنهن ۾ ٿر جون سياسي سماجي ڌريون ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ شريڪ ٿي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف  سگهاري تحريڪ جو باضابطه اعلان ڪندا، ان سلسلي ۾ ”ٿر سُجاڳ سٿ“ جي اڳواڻن فقير ارشاد ڪنڀار، الماس نھڙيو، دليپ دوشي، سالم سميجو ۽ آڪاش ھميراڻي پاران ٿرپارڪر جي مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، صحافين ۽ وڪيل برادري کي دعوت ناما ڏنا ويا ۽ سموري سنڌ جي ڪارونجهر جي عاشقن کي شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.