ڪراچي وارن لاءِ 2021ع وڌيڪ خطرناڪ، شهرين 3 ارب 16 ڪروڙ رپيا ڦرايا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي شهرين لاءِ سال 2021 گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو، گهرن، دڪانن ۽ روڊن تي وارداتن  ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اضافو  ٿيو،  شهري 3 ارب 16 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم کان محروم ٿي ويا. هڪ اندازي موجب جيڪڏهن موٽرسائيڪل جي قيمت 50 هزار رپيا ۽ چوري 25 هزار رپيا آهي ته  شهري هڪ ارب 40 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي.ڪراچي جو اسٽريٽ ڪرائم هڪ لازمي حصو بڻجي ويا آهن ۽ شهر ۾ ڏوهن متبادل معيشت بڻجي چڪو آهي. پوليس موجب ڪراچي ۾ سال 2020ع ۾ 20 هزار 743 موبائيل فون ڦريا ويا پر هن سال ان انگ ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي هٿن ۾ ڪل 24130 موبائيل فون اچي ويا آهن. پوليس رپورٽ موجب ڪراچي ۾ گذريل سال 1560 گاڏيون چوري يا ڦر ٿيون، جيڪي 2021ع ۾ وڌي 2060 ٿي ويون. پوليس موجب سال 2020 ۾ ڪراچي مان 35 هزار موٽرسائيڪلون چوري يا ڦر ٿيون پر هلندڙ سال هن وقت تائين اهو انگ 50 هزار تائين پهچي ويو آهي. پوليس رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل سال شارع قائد ۾ 507 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ هلندڙ سال هن وقت تائين اهو انگ 541 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح گذريل سال اغوا جا 24 ۽ هن سال 55 واقعا ٿيا. رپورٽ موجب سال 2020 ۾ ڪراچي ۾ ڀتا خوري جا 151 واقعا ٿيا ۽ هلندڙ سال 116 واقعا ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.