نوازشريف بيدخل ٿي واپس آيو ته سڌو جيل ويندو: شهباز گل

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته نوازشريف جي برطانيه کان بيدخلي هجڻ کي واپسي جو فيصلو بنائي پيش ڪيو پيو وڃي، نوازشريف بيدخل ٿي واپس آيو ته سڌو جيل ويندو، وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهباز گل سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته برطانيه ۾ نوازشريف جي ويزا ۾ واڌ جي درخواست رد ڪئي وئي آهي ۽ هو هن وقت اپيل ۾ آهي، هن چيو ته هن کي خبر آهي ته ويزا رد ٿيڻ کان پوءِ کيس بيدخل ڪيو ويندو. ان لاءِ نوازشريف جي بيدخل ٿيڻ کي ان جي واپس اچڻ جو سياسي فيصلو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.