مردان جي ميئر لاءِ ٻيهر ڳڻپ، اي اين پي اميدوار ڪامياب

مردان (م ڊ) مردان جي ٻيهر ڳڻپ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اميدوار حمايت ماريا ميئر برقرار. ريٽرننگ آفيسر مجيب الرحمان موجب  مردان جي ميئر جي چونڊ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ اي اين پي جي ماريا جي حمايت ۾ 2 هزار 26 ووٽن جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سندس ووٽن جو انگ 58 هزار 484 ٿي ويو آهي. آر او ٻڌايو ته ٻيهر ڳڻپ ۾ جي يو آءِ اميدوار مولانا امانت شاهه جي ووٽن ۾ 2 هزار 28 ووٽن جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سندس ووٽن جو انگ 51 هزار 966 ٿي ويو آهي ۽ هو ٻئي نمبر تي آهي. آر او موجب مردان ۾ ميئر جي چونڊ ۾ هارائيندڙ مولانا امانت شاهه ٻيهر ڳڻپ جا نتيجا قبول ڪري ورتا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.