ٿڌ جي نئين لهر جو امڪان، برساتي سسٽم بلوچستان ۾ داخل

ڪراچي (م ڊ)ڪراچي وارا تيار ٿي وڃن، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ شهر ۾ ٿڌ جي نئين لهر سان گڏ هلڪي برسات جو پڻ امڪان آهي. موسميات  کاتي جو چوڻ آهي ته برساتي سسٽم بلوچستان جي اترين علائقن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ چمن شهر ۽ ان جي چوڌاري هلڪي ۽ ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. بلوچستان جي مٿانهين علائقن ۾گجگوڙ سان برسات ۽ ٿڌيون هوائون هلڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن جو اثر ڪراچي تي به پوندو. اتر بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ تيز برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. گلگت بلتستان ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سخت ٿڌ سبب پاڻي بيهجي ويو، اڄ گوپس ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد مائنس 8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. اسڪردو ۾ مائنس 5 ڊگري سينٽي گريڊ، استور ۾ منفي 4، بگروت مائنس 4، قلات مائنس 3، گلگت مائنس 2، مري 1، اسلام آباد 3، لاهور 5، ڪراچي 17 ۽ ليه ۾ مائنس 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.