ڀارت ۾ انتها پسندن جو ڪرسمس تي سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙي ڇڏيو

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ انتها پسند هندن ڪرسمس جي موقعي تي سانتا ڪلاز کي به نه بخشيو، ڀارت ۾ هندو انتها پسندن پاران نفرت انگيز ڪارروايون جاري آهن ۽ ڪرسمس جي موقعي تي سانتا کلاز جو پتلو ساڙيو ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر آگري ۾ هندو انتها پسند پارٽي بجرنگ دل احتجاج ڪيا ڪري پتلا ساڙيا. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪرسمس جي موقعي تي ڀارت ۾ هڪ انتهاپسند گروپ طرفان هندن جي جبري مذهب مٽائڻ جي الزام تي احتجاج ڪيو ويو. رپورٽن مطابق بجرنگ دل 24 ڊسمبر تي سينٽ جان اسڪوائر تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته انتهاپسند مظاهرين ”سانتا کلاز مري ويو آهي ۽ واپس وڃو سانتا کلاز“ جا نعرا هنيا. احتجاج ڪندڙن سانتا کلاز جو پتلي ساڙيو اهڙو سلسلو اڃا جاري آهي. ان ڳالهه ڪري هندستان کي اقليتن لاءِ غير محفوظ ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، يو ايس ڪميشن آن انٽرنيشنل مذهبي آزادي  هندستان کي اقليتن لاءِ خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو هو. تازو ئي انساني حقن جي عالمي تنظيم هيومن رائيٽس واچ ڀارت ۾ اقليتن سان ٿيندڙ بدسلوڪي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي حڪمران جماعت هندو انتها پسندن کي اقليتن تي حملا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي ۽ کين حراسان ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.