ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام، عاطف اسلم موٽرسائيڪل تي پروگرام ۾پهتو

ڪراچي (رپورٽر) دنيا ۾ مشهور پاڪستاني ڳائڻي عاطف اسلم جي موسيقي سان محبت جو مثال قائم ڪري ڇڏيو. گذريل رات جڏهن هو ڪنسرٽ لاءِ روانو ٿيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ سندس صبر جو امتحان شروع ٿي ويو، گلوڪار هم نه تم موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڪراچي شهر جي ٿڌي هوا جو مزو وٺي ڪنسرٽ واري هنڌ پهچي ويو. عاطف اسلم جي مداحن جو وڏو انگ کيس ٻڌڻ لاءِ ڪنسرٽ واري جاءِ تي پهتل هو، عاطف اسلم کي موٽرسائيڪل تي ڪنسرٽ جي احاطي مان داخل ٿيڻو پيو. شروع ۾ ته سندس مداحن کي خبر نه پئي ته عاطف اسلم موٽرسائيڪل تي سوار آهي، پر جڏهن کين خبر پئي ته عاطف اسلم موٽرسائيڪل تي آهي ته هو سندس پٺيان ڊوڙڻ لڳا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.