وجيها سواتي جي اڳوڻي مڙس قتل جو اعتراف ڪري ورتو

هنگو(م ڊ ) آمريڪي ڄائي پاڪستاني شهري وجيها سواتي جي اغوا جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، اڳوڻي مڙس رضوان حبيب وجيهه کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جنهن بعد پوليس جوابدار جي پيءُ کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) اڪرام الله جو چوڻ آهي ته وجيهه سواتي قتل ڪيس جي جوابدار ۽ اڳوڻي مڙس جي پيءُ رضوان حبيب کي هنگو مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي پي او راولپنڊي ٻڌايو ته پنجاب پوليس گذريل رات جوابدار جي پيءُ کي گرفتار ڪيو. اڪرام الله خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته وجيهه سواتي جي قبر ڪشائي ناهي ڪئي وئي آهي. جاچ ذريعن موجب اڳوڻي مڙس رضوان حبيب پوليس جي جاچ دوران وجيهه جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وجيهه کي 16 آڪٽوبر تي جوابدار وجيها جو لاش هنگو ۾ دفنايو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.