پنجاب ۾ 9، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ 7-7 صوبا ٺهڻ گهرجي: شاهد خاقان

 

اڳوڻي وزيراعظم نون ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پنجاب جا 9 جڏهن ته سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جا ست ست صوبا ٺهڻ گهرجن

نون ليگ اڳواڻ چيو ته مڪاني چونڊون نه حڪومت چاهي ٿي نه ئي اپوزيشن، جيڪا به حڪومت ايندي هاڻوڪو مڪاني نظام ختم ڪري ڇڏيندي

 

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبن جا خرچ وڌي ويا آهن ، ارڙهين ترميم ۾ گهڻا اختيار وفاق کان صوبن کي مليا، صوبن جي ذميواري وڌائڻ جي ضرورت آهي

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته صوبن پنهنجي آمدني وڌائڻ بدران رڳو پنهنجي فائدي وارين شين مان فائدو ورتو، گئس جي ملڪيت به صوبن وٽ هجڻ سبب وفاق تي بار وڌيو آهي

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه فيصلا اهڙا آهن جيڪي ججن ناهن لکيا، ججن کي دٻاءُ ۾ آڻي فيصلا ورتا ويا، پاڪستان ۾ هڪ طبقو حقيقي معنيٰ ۾ سياستدان آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.