هوسڙي ويجهو چئن ٻارڙن جي ماءُ مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

هوسڙي ويجهو چئن ٻارڙن جي ماءُ مبينا ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، وارثن پاران قتل جو شڪ، احتجاج ڪيو ويو

ڳوٺ اويس شيخ ۾ 4 ٻارڙن جي ماءُ 28 سالن جي نانوڙي زال رامسن ڪولهي مبينا طور گهر جي ڇت ۾ ڦاهو ئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

جڏهن ته عورت جي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪندي احتجاج ڪيو ويو، عورت جي والد والجي ڪولهي ۽ ڀاءُ رامو ڪولهي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نياڻي جي ساهرن جي اطلاع تي پهتاسين ته ٻڌايو ويو هن گهرو پريشانين سبب خودڪشي ڪري ڇڏي آهي

جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته نياڻي جو موت 12 ڪلاڪ اڳ ٿيو آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي

هنن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.