انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي هارائڻ تي رميز راجا جون قومي ٽيم کي واڌايون

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا قومي ٽيم کي واڌايون ڏنيون آهن.

هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نوجوانو اوهان شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، ڀارت کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان انڊر 19 ٽيم  پنهنجي اعصابن کي ڪنٽرول ۾ رکيو.

واضح رهي ته انڊر 19 ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت کي سخت مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏني ۽ قومي ٽيم ان فتح سان ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.