ميهڙ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ آبادگارن جو احتجاج

ميهڙ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سياسي سماجي ڌرين پاران پنجين ڏينهن به احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو

ايس يو پي جي اڳواڻي ۾ شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن عبدالحميد سومرو، حاجي خان مارفاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري گهنٽا گهر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميھڙ ۾ انتظاميا جي آشيرواد سان ڀاڻ جو بليڪ تي وڪري ٿي رهيو آھي اسٽنٽ ڪمشنر عيسيٰ خان پٺاڻ مختيارڪار الله بخش مگسي ۽ سندن عملو آفيسن مان غائب آهن

هنن اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو بند ڪري تدارڪ ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بند ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.