سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي 59 سالگره ملهائي وئي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي 59 هين سالگره ملهائي وئي

ڪوٽڙي، جهڏي ۽ ڳاڙهي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ڊاڪٽر قادر مگسي جي 59 سالگرا جو ڪيڪ ڪاٽي هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ويون

سالگرا جي موقعي تي اڳواڻن چيو ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي لوئي ۽ لڄ جو محافظ ۽ مزاحمتي جنگ جو قومي سالار آهي سنڌ جي سياست ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي وڏي جدوجهد ۽ وڏو پورهيو شامل آهي

هنن چيو ته قادر مگسي ھڪ جدوجھد ۽ سنڌ دشمن قوتن لاءِ للڪار جو نالو آھي، سندس اڳواڻي ۾ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين

تقريبن ۾ پارٽي ورڪرن، صحافين توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر مگسي جي صحت ۽ وڏي ڄمار جون دعائون گهريون ويون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.