قائد اعظم جي سبق کي اڳتي وڌائڻو آهي: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي سبق کي اڳتي وڌائڻو آهي.

قائد اعظم محمد علي جناح جي 145 هين پيدائش واري ڏهاڙي جي موقعي تي سيد مراد علي شاهه سندس مزار تي حاضري ڀري.

وڏي وزير  مزار قائد تي گل رکيا، دعا گهري ۽ اتي مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ پنهنجا ويچار لکيا.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکون.

هن چيو ته پوري دنيا جي عيسائي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏيان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.