ڪراچي: رڪشن تي شاعري، ٽرڪ آرٽ ذريعي امن کي هٿي ڏيڻ جي مهم، عوام طرفان ڀرپور موٽ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غير سرڪاري تنظيم ”مهر ڊار“ جي ڪارڪنن اڄڪلهه جي نوجوان رڪشن تي شاعري ۽ ٽرڪ آرٽ سان دلچسپي کي ڏسندي ان کي امن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

مهر ڊار تنظيم جي ڪارڪنن طرفان امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ رڪشا مهم شروع ڪئي وئي آهي، اها مهم رڪشن تي شاعري ۽ ٽرڪ آرٽ مان متاثر اڄ جي نوجوانن جي دلچسپي کي ڏسندي شروع ڪئي وئي آهي.

ان مهم جو مقصد امن، سهپ، رواداري ۽ هڪٻئي کي قبول ڪرڻ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ آهي.

مهم تحت مختلف علائقن جي 25 اڪشا ڊرائيورن جي اجازت سان ٽرڪ آرٽ ۽ امن جي پيغامن تي ٻڌل بئنر لڳايا ويا ۽ ماڙي پور روڊ کان هاڪس بي تائين ريلي به ڪڍي وئي، جنهن کي عوام طرفان ڀرپور موٽ ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.